سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪار،ڊراما نگار، شاعر ۽ ڪالم نگار محمد علي پٺاڻ جو نئون ڪتاب ڇپجي ويو

ڄام جماليءَ، پروفيسر مختيار سمي، نويد سنديلي، احمد سلطان کوسي ۽ رفيعه بخاريءَ جا تفصيلي ۽ مختصر تجزيا ڪتاب جي زينت بڻيل

سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪار،ڊراما نگار، شاعر ۽ ڪالم نگار محمد علي پٺاڻ جو نئون ڪتاب ڇپجي ويو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي نامور ڪھاڻيڪار،مڊراما نگار، شاعر ۽ ڪالم نگار محمد علي پٺاڻ جو چوئيتاليھون ڪتاب The River is flowing Slowly جيڪو سندس انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيل شاعريءَ تي مشتمل آهي علي بخش پٺاڻ جي سھيڙپ سان مرڪ پبليڪيشن، ڪراچي پاران ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. جنھن جو "مھاڳ" گل محمد عمراڻيءَ، "پيش لفظ" پروفيسر محمد ھاشم سولنگيءَ جو لکيل آهي. جڏهن ته ڪتاب بابت ڄام جماليءَ، پروفيسر مختيار سمي، نويد سنديلي، احمد سلطان کوسي ۽ رفيعه بخاريءَ جا تفصيلي ۽ مختصر تجزيا ڪتاب جي زينت بڻيل آهن. بئڪ ٽائيٽل لاءِ سِٽون پروفيسر عبدالوحید چانڊيي جون تحرير ٿيل آهن. شاعريءَ جي مترجمن ۾ گل محمد عمراڻي، لطيف نوناري، پروفيسر محمد ھاشم سولنگي، ڄام جمالي، نويد سنديلي، عبدالوحید چانڊيي، زين العابدين جيسر، آصف رزاق مھر ۽ غزل تنيو جا نالا شامل آهن. ارپنا شاعر پنھنجي محسن دوست قاضي منظور کي ڪئي آهي. ڪتاب سنڌ جي سمورن بڪ اسٽالن تي موجود آهي.