ٺٽي جي وڪيل پاران ايس ايڇ او ڌاٻيجي تي تشدد ۽ لاڪ اپ ڪرڻ جو الزام

ڪم سان ڌاٻيجي ٿاڻي ويو هيس جتي ايس ايڇ او مبين پرھياڙ نشي جي حالت ۾ هو: وڪيل ڪامريڊ گل محمد خشڪ

ٺٽي جي وڪيل پاران ايس ايڇ او ڌاٻيجي تي تشدد ۽ لاڪ اپ ڪرڻ جو الزام

ٺٽو (شفيق ڀٽي)ٺٽي ضلعي جي ڌاٻيجي ٿاڻي جي ايس ايڇ او مبين پرھياڙ پاران سينيئر وڪيل ۽ سماج سڌارڪ ڪامريڊ گل محمد خشڪ کي مبينا طور يرغمال بڻائي تشدد ڪرڻ ۽ لاڪپ ڪرڻ وارو واقعو ضلعي ۾ ڇڪتاڻ جو سبب بڻجي ويو آهي، جنهن خلاف ضلعي جي صحافين، وڪيلن، سياسي ۽ سماجي حلقن سخت مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان فوري ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي۔خبر موجب سينيئر وڪيل ڪامريڊ گل محمد خشڪ صحافين کي ٻڌايو ته هو پنهنجي مؤڪل جي قانوني ڪم سان ڌاٻيجي ٿاڻي ويو هو، جتي ايس ايڇ او مبين پرھياڙ مبينا طور نشي جي حالت ۾ هو، ڏڪي رهيو هو ۽ ڳالهه ٻولهه دوران گارگند ڪندي کيس چماٽ هنئي، سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ بعد ۾ لاڪپ ڪري ڇڏيو۔ڪامريڊ گل محمد خشڪ الزام هنيو ته ايس ايڇ او پاڻ کي “ٺٽي ضلعي جو بادشاهه” سڏيندي چيو ته روڊ تان ٿيندڙ هر قسم جي واپار ۽ ٽريفڪ مان کيس ٽيڪس ڏيڻ ضروري آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته هو هڪ ڪمپني جو ليگل ايڊوائيزر آهي، جنهن جي پتي سان ڀريل گاڏي جيڪا قانوني ھئي تنھن کي ڪجهه ڏينهن اڳ پوليس پڪڙي ٿاڻي ۾ بيهاري ڇڏيو ھو۔ جڏهن هو ايس ايڇ او سان ملاقات لاءِ ويو ته کيس چيو ويو ته گٽڪي جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي، جنهن تي هن قانون مطابق پتي جي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، جنهن بعد ايس ايڇ او ڪاوڙجي کيس تشدد جو نشانو بڻايو۔سينيئر وڪيل موجب هن واقعي خلاف سيڪشن 22-اي تحت درخواست داخل ڪئي آهي ۽ جلد ايس ايڇ او مبين پرھياڙ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي ويندي۔ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پاران ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو جي احاطي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ٺٽي بار جي اڳوڻي صدر ۽ سينئر وڪيل ايڊووڪيٽ پنھون عقيلي چيو ته ، ٺٽي ۾ هن وقت پوليس گردي جو راڄ آهي، بار ڪائونسلون قانون جون محافظ آهن، جيڪڏهن ڪو به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ته اسان ان جي رستا روڪ ڪنداسين.هن وڌيڪ چيو ته ضلعي ۾ چوريون ۽ ڦرون عام ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته ضلعو منشيات ۾ غرق ٿيل آهي، چرس، آفيم، ٺرو ۽ آئيس جو استعمال خطرناڪ حد تائين وڌي چڪو آهي، پر ٽڪ ٽاڪ جو شوقين ايس ايڇ او کي صرف فحاشي جا اڏا نظر اچن ٿا۔بار اڳواڻن چيو ته جيل درسگاهون هونديون آهن، جتي ڏوهارين جي اصلاح ڪئي ويندي آهي، پر ٺٽي جو نئون جيل عذاب گهر بڻجي چڪو آهي، جتي قيدين تي انسانيت سوز تشدد ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب هڪ قيدي فوت ٿي چڪو آهي، جڏهن ته وارثن جي احتجاج تي کين سخت تشدد جو نشانو ويو آھي۔ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن ٺٽو جو نائب صدر وقاص شاهه، غلام سرور پليجو، عبدالمجيد سمون سميت وڏي انگ ۾ وڪيل موجود ھئا ، جن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او مبين پرھياڙ کي فوري طور معطل ڪري سندس خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو۔