عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ جي سلطان چوڪ ويجهو افغان پاڙي ۾ سئو سالن کان رهندڙ سولنگي برادري جا گهر عدالتي حڪم تي پوليس وڏي نفري سان خالي ڪرائي ڇڏيا، جنهن بعد شهر ۾ ڇڪتاڻ ۽ بيچيني پکڙجي وئي، ڪارروائي دوران عورتن ۽ ٻارڙن جون اڀ ڏاريندڙ دانهون ٻڌڻ ۾ آيون، متاثر خاندانن الزام هنيو ته پوليس زبردستي عورتن کي ٻانهن مان پڪڙي گاڏين ۾ ويهاري ٿاڻي تي منتقل ڪيو، خبر موجب پلاٽ جي مالڪي جي دعويٰ ڪندڙ سيد حبيب الله شاهه سروي نمبر 909/916 تي دعويٰ داخل ڪئي، جنهن جي ٻڌڻي بعد پوليس ڪارروائي ڪئي، سي آئي اي انچارج عزيز راهمون ۽ سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد بخش راهمون سميت مختلف ٿاڻن جي عملدارن پنجويهه کان وڌيڪ گاڏين ۽ وڏي نفري سان ٽن ڪلاڪن تائين ڪارروائي ڪئي، گهر خالي ڪرائڻ بعد پلاٽ مالڪ جي ماڻهن حوالي ڪيو ويو، جتي پنجاهه کان وڌيڪَ ماڻهون ويهاري قبضي جو انتظام سنڀاليو، سولنگي برادري جي ماڻهن الزام هنيو ته 20 کان وڌيڪ مردن، عورتن ۽ ٻارڙن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جن مان ڪيترن جي ملاقات به نه ڪرائي وئي آهي، سرڪار جي فرياد تي سٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او احمد بخش راهمون جي مدعيت ۾ فائر آف انڪوائري داخل ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ حاجي پٽ مهراب، محمد ايوب، عبدالله، هاشم، خيرمحمد، شيرمحمد، احمد نواز، خدابخش، رحمت الله ۽ حسن سميت ٻين کي نامزد ڪيو ويو آهي، وڌيڪَ ماڻهن کي سڃاڻپ بعد شامل ڪرڻ جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي، احتجاج طور متاثر پريس ڪلب اڳيان روڊ بند ڪري ڌرڻو هڻي ويٺا آهن، عورتن سلمہ، بشير احمد ۽ امير علي سولنگي چيو ته اسين سئو سالن کان هتي رهون ٿا، هاڻي کليل آسمان هيٺ ويٺا آهيون، اسان سان ظلم ٿيو آهي، انصاف ملڻ تائين ڌرڻو جاري رهندو، سيد حبيب الله شاهه ۽ سندس ڀائرن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پلاٽ 1998ع ۾ خريد ڪيو ويو ۽ قانوني ڪارروائين بعد 2017ع ۾ رجسٽري مڪمل ٿي، سندن چوڻ آهي ته ڊپٽي ڪمشنر ۽ سيشن عدالت سميت هر فورم تان فيصلو سندن حق ۾ آيو، تنهنڪري عدالتي حڪم تي قبضو خالي ڪرايو ويو، واقعي خلاف اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر لال مالهي پريس ڪانفرنس ڪندي عمرڪوٽ شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال جو اعلان ڪيو، لال مالهي چيو ته غريبن کي اجھو لٽو ڏيڻ بجاءِ سندن قديمي گهر ڊهرائڻ سراسر ظلم آهي، پوليس جو ڪم انصاف ڏيڻ آهي، پر هتي پوليس ڌر بڻجي ڪم ڪري رهي آهي، هن مطالبو ڪيو ته ضلعي پوليس سربراهه کي هٽائي گرفتار ماڻهن کي فوري آزاد ڪيو وڃي، پريس ڪانفرنس دوران سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻ حاجي ساند، ايس ٽي پي اڳواڻ معيار بنگلاڻي چيو ته جيڪڏهن انصاف نه ٿيو ته هو چندو گڏ ڪري پلاٽ خريد ڪري سولنگي برادري حوالي ڪندا، معيار بنگلاڻي چيو ته هي صرف هڪ برادري جو نه پر انسانيت جو سوال آهي، پارٽي چيئرمين قادر مگسي ڀرپور حمايت ۽ مدد جي خاطري ڪرائي چڪا آهن، جي ڊي اي اڳواڻ سائرہ بانو ۽ سياسي اڳواڻ حليم عادل شيخ پڻ واقعي جي مذمت ڪندي متاثرن سان يڪجهتي ظاهر ڪئي، ميونسپل ڪميٽي عمرڪوٽ جي چيئرمين حاجي سيف الله خالد سراج سومرو متبادل پلاٽ ۽ هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن پوليس ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قرارداد جاري ڪئي، بار اڳواڻن چيو ته عدالتي حڪم تي عملدرآمد دوران حد کان وڌيڪ طاقت جو استعمال، عورتن ۽ ٻارن جي تذليل، ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي، قرارداد ۾ چيو ويو ته آئين ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي ناقابلِ قبول آهي، ۽ واقعي جي شفاف، خودمختيار ۽ ترت عدالتي جاچ ڪرائي متاثر خاندانن کي تحفظ، رليف ۽ آبادڪاري فراهم ڪئي وڃي، سولنگي برادري پاران مين الله واري چوڪ اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪيو ويو، جتي عورتون ۽ معصوم ٻار کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، آخري اطلاعن تائين ڌرڻو جاري آهي، ۽ شهر ۾ اڄ اعلانيل هڙتال سبب واپاري ۽ شهري حلقن ۾ ڳڻتي جي لهر ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي، جڏھن تہ الله واري چوڪ تي قائم احتجاجي ڪئمپ تي شهري، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن جي اچ وڃ جاري آهي، پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ اڳواڻ نورجهان، ضلعي بار جي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف منڱريو، وڪيل ميان بخش کوسو، رمضان خاصخيلي، جان محمد سولنگي، گل بجير ۽ معيار بنگلاڻي سميت ٻين اڳواڻن پهچي متاثر خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو، اڳواڻن چيو ته غريبن سان زيادتي برداشت نه ڪئي ويندي، انصاف جي فراهمي تائين سندن آواز بلند ڪيو ويندو، ۽ قانوني توڙي سماجي سطح تي هر ممڪن سهڪار جاري رهندو.
0 تبصرے