English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
وچ اوڀر ۾ نئين امڪاني جنگ، صورتحال ڳمڀير
35 views
|
23rd Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مُحمد يُوسف ڀُٽو
دنيا ۾ ھن وقت سڀني جون نظرون وچ اوڀر ۾ خليج فارس جي علائقي تي آھن. ڇو تہ ھي خطو تيل ۽ گئس جي وسيع پيداوار ۽ برآمدات جي ڪري خاص حيثيت جو حامل آھي جتان دنيا کي روزانو 30 کان 40 سيڪڙو تيل فراھم ڪيو وڃي ٿو. اسلامي جمھوريہ ايران ان خطي جي تجارتي لنگھ يا بحري گذرگاھ آبنائي ھرمز جي منھن تي واقع آھي. ايران خود بہ وسيع تيل ۽ گئس جي ذخيرن سان مالامال آھي. ياد رھي تازو ڪجھ ڏينھن پھرين پاسداران انقلاب اسلامي ايران جي بحري فوج پاران خليج فارس ۾ Strait of Hormuz واري سوڙھي پَٽي يا تنگ بحري گذرگاھ جو Smart Control نالي سان بحري مشقون سرانجام ڏئي صرف ڪجھ ڪلاڪن لاء اھا تنگ بحري گذرگاھ ڪاميابيءَ سان بند ڪري ڇڏي جنھن ڪري تازو دنيا ۾ تيل، گئس۽ سون جون قيمتون فورن وڌي ويون. آمريڪا پنھنجا جديد ترين فضائي ۽ بحري جنگي جھاز اتي آڻي بيھاريا آھن. آمريڪا اسرائيل جي خواھش تي ايران ۾ رِجيم چينج چاھي ٿو. اسرائيل ايراني ائٽمي ۽ بيلسٽڪ ميزائل پروگرام مان پاڻ لاء سخت خطرو سمجھي ٿو جڏھن تہ آمريڪا جو جھيڙو سڌو سنئون ايران سان ناھي پر ھو اسرائيل جي ونگار وھندو آيو آھي. آمريڪي سازش ھاڻي ھيء بہ آھي تہ ايران ۾ رجيم چينج بعد اسرائيل جي مرضي واري حڪومت قائم ٿئي جنھن جون واڳون اسرائيلي يھودين جي ھٿن ۾ ھجن. ايراني تيل ۽ گئس تي خود آمريڪا قبضو ڄمائي. اسلامي جمھوريہ ايران کي اسلحي جي ڊپ ۽ رعب تي زير ڪرڻ لاء آمريڪا ۽ اسرائيل ڀرپور ڪوششن ۾ نظر آيا آھن. گذريل ٻن مھينن کان آمريڪا خليجي ملڪن ۾ پنھنجن دھشتگرد فوجي اڏن ۽ عربي سمنڊ ۾ دنيا جھان جا ھٿيار ۽ ميزائلن سان ليس جنگي جھاز گڏ ڪري ننھن چوٽيء جو زور لڳائي بيٺو رھيو تہ ايران ان جي رعب ۾ اچي ھٿيار ڦٽا ڪري پر کين ھن نفسياتي جنگي حربي ۾ ناڪامي ٿي. ايران جو ساٿ ڏيڻ روسي ۽ چيني جنگي بحري جھاز پھتا ۽ گڏيل مشقون ڪري پيغام ڏنائون اسين گڏ آھيون. ان دوران آمريڪا ۽ ايران سخت بيان بازي ڪندا رھيا پر ھاڻي پڪا امڪان آھن تہ آمريڪا ۽ اسرائيل گڏجي ڪنھن بہ وقت ايران تي حملو ڪري ڏين. آمريڪي حڪومت ايران ۾ رجيم جو خاتمو چاھي ٿي پر اھو ممڪن ناھي. آمريڪي سامراج گذريل 47 سالن کان ان سلسلي ۾ ذلت ۽ ناڪامي جو منھن ڏٺو آھي. آمريڪا ۽ ايران طرفان ھڪٻئي خلاف سخت بيانن جو سلسلو ڏسڻ ۾ آيو آھي. ايراني سپريم ليڊر آيتﷲ علي خامنہ اي ٽرمپ جي ڌمڪين جي جواب ۾ چيو تہ ”آمريڪي طيارا بردار بحري ٻيڙو جنگ جو خوبصورت ٽڪرو آھي پر ان کان بہ خوبصورت اھو ھٿيار آھي جيڪو ان کي سمنڊ جي تھ ۾ غرق ڪري سگھي“ ان ڪري مذاڪرات ناڪام ٿيندي نظر اچن ٿا. آمريڪا وچ اوڀر ۾ جيتري فضائي قوت گڏ ڪئي آھي ان جو مقابلو اڪيلي ايران تہ ڇا اگر وڇ اوڀر جا سڀ ملڪ بہ ملي وڃن تڏھن بہ نٿا ڪري سگھن. پر اھو بہ ياد رکجي آمريڪا پنھنجي طاقت جي نشي ۾ انڌو آھي اھو وساري ويھي ٿو تہ ھي دؤر اسلحي جي برتري نہ پر جديد ترين ھائپر سونڪ ميزائل جي ٽيڪنالاجي جو بہ آھي جنھن جو ٽوڙ ڪنھن بہ ملڪ وٽ ناھي. ھڪ ايراني ھائپر سونڪ ميزائل وڏي کان وڏي بحري جنگي جھاز کي اک ڇنڀ ۾ تباھ ڪري ٻوڙي سمنڊ جي گھرائي ۾ پھڇائي سگھي ٿو. سو. خير بظاھر نظر ايندڙحالتن مان لڳي ٿو ايران تي حملي جا چانسز %90 کان وڌيڪ ٿي چڪا آھن. ميڊيا رپورٽ موجب روس پنھنجي ڪنھن خفيہ اداري جي معلومات جي بنياد تي ايران کي آگاھي ڏئي ڇڏي آھي تہ توتي ھڪ ئي وقت 190 آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگي جھازن سان ڳرو حملو ڪرڻ جي رٿابندي مڪمل ڪئي وئي آھي جنھن ۾ 600 آمريڪي ٽاماھاڪ ڪروز ميزائل فائر ڪيا ويندا. ھوڏانھن ايران بہ ھٿ تي ھٿ رکي ويٺل ناھي ان 3000 ٽي ھزار ھائپر سونڪ ميزائل جوابي ڪارروائي لاء تيار حالت ۾ رکيا آھي چيو پيو وڃي تہ اگر ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جو شروعاتي حملو ناڪام ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو تہ موٽ ۾ جوابي ڪارروائي ۾ آمريڪي اڏن پلس اسرائيل کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيندو... اھو انڪري جو اطلاعات آھن تہ چين ۽ روس پنھنجي ھن اھم اتحادي ايران کي گذريل چند ھفتن دؤران جديد ترين Electronic Warfare weapons and Jammers توڙي Defence systems پھچائي ڇڏيا آھن. جيڪي ڪنھن بہ ميزائل يا جديد ترين آمريڪي جنگي جھاز F-35 جو ريڊار سسٽم بہ جام ڪري سگھن ٿا ۽ پوء ان کي ڪيرائي بہ سگھن ٿا. ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا امڪاني جنگ بابت ايران جون تياريون ان انتھا تي پھتل آھن جو ايران پنھنجو جديد ترين ھائپر سونڪ ميزائل خيبر شڪن جيڪو خاص ڪري اسرائيل لاء ڊزائين ڪيو ويو آھي ان کي ٽارگيٽس تي Lock ڪري ريڊي موڊ تي رکيو ويو آھي ۽ ان ۾ Code بہ رکي ڇڏيا آھن اگر اھو فائر ٿئي ٿو تہ اھو خودبخود پنھنجي ٽارگيٽس تي لڳندو ۽ اگر خدانخواستہ ھن جنگ ۾ ايران تباھ بہ ٿئي ٿو تڏھن بہ اھي ميزائل پاڻمرادو اسرائيل طرف فائر ٿي اتي تباھي برپا ڪري ڇڏيندا...... اھو بہ واضح رھي عراق ۾ شيعہ مزاحمتي تنظيمن زير زمين ميزائل ۽ ڊرون واري سُرنگھن جي رونمائي ڪري آمريڪا ۽ اسرائيل کي سخت چتاء ڏنو آھي. يمن جا حوثي اڳ ئي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سَندرو ٻڌي بيٺل آھن تہ ھو ڳاڙھي سمنڊ مان آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جا جھاز تباھ ڪرڻ لاء ھڪ ڀيرو ٻيھر تيار آھن. جڏھن تہ ايران وٽ امڪاني جنگ دؤران آبنائي ھرمز جي بحري گذرگاھ کي فورن بند ڪرڻ سڀ کان وڏو ھٿيار آھي جتان سڀني خليجي ملڪن جي تيل ۽ گئس سپلائي سڄي دنيا کي ٿئي ٿي. ان تنگ بحري گذر گاھ جي نبض ھن وقت ايران جي ھٿن ۾ آھي ۽ ايران جا نوان جديد ترين Anti Ship Cruise Missiles ” ابو مھدي“ توڙي ”يا علي عہ“ جن جي رينج ھڪ ھزار ڪلوميٽرن تائين آھي ان سميت ٻيا ھٿيار باقاعدہ Targets تي Lock ڪيا ويا آھن. آمريڪا ۽ اسرائيل پاران اگر ايران تي ڪوبہ امڪاني حملو سڄي دنيا جي معيشت کي لوڏي وجھندو. تيل، گئس ۽ سون جون قيمتون آسمان تي پھڇي وينديون نتيجي ۾ مھانگائي جو طوفان اٿندو تيل ۽ گئس جي سپلائي بند ٿي ويندي. وچ اوڀر ۾ باھ جا اُھي شعلا اُٿندا جنھن جو تصور ئي ڪنھن نہ ڪيو ھوندو. ايران ھر صورتحال لاء تيار آھي ۽ ھن وچ اوڀر جي سڀني ملڪن کي سخت وارننگ بہ ڏني آھي تہ اسان تي جتان حملو ٿيو اسين انھن ملڪن ۾ موجود آمريڪي اڏن ۽ آمريڪين جي سھولت ڪاري ڪندڙ ملڪن کي ھرگز بخش نہ ڪنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Feb 2026
•
پاکستان
شاہ سلمان ہیومینیٹیرین ایڈ اینڈ ریلیف سینٹر (KSrelief) اور پاکستان بیت المال کے زیر اہتمام مظفر گڑھ میں رمضان فوڈ ڈسٹری بیوشن مہم کا آغاز
23rd Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
اسڪاؤٽس جو عالمي ڏھاڙو, دنيا ۾ خدمت، قيادت ۽ ڀائيچاري جو ڏينھن
23rd Feb 2026
•
دنیا
ایران سرنڈر کا مطلب نہیں جانتا، اپنی سرزمین کی خلاف ورزی قبول نہیں کریں گے: ایرانی وزارتِ خارجہ
23rd Feb 2026
•
کھیل
پی ایس ایل کی نئی فرنچائز سیالکوٹ اسٹالینز کے مالک کا ٹیم سے علیحدگی کا اعلان
23rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: پارومل پريمي پاران ڊسٽرڪٽ بار جي چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون
23rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مورو جي مهراڻ سٽيزن ڪلب ۾ بچت بازار لڳائي وئي
23rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ڪنري ڀرسان بااثر رٽائرڊ پوليس آفيسر جو لابارو ڪيل توريي جو فصل مبينا طور کڻائي ويا
23rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ويجهو ڳوٺ محمد هاشم وڳڻ ۾ سرڪاري ڊسپينسري جو افتتاح
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
وچ اوڀر ۾ نئين امڪاني جنگ
مُحمد يُوسف ڀُٽو
0 تبصرے