عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڪنري سرڪاري اسڪول جي پرنسپل سيد محبوب علي شاهه جي اعزاز ۾ پروقار تقريب منعقد، ملازمت جي مدت مڪمل ٿيڻ تي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش، گلن جون مالائون پارائي ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا۔تفصيل موجب ڪنري پبلڪ پارڪ ۾ قائم آڊيٽوريم هال ۾ گورنمينٽ فضل عمر هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنري جي پرنسپل سيد محبوب علي شاهه جي ملازمت جي مدت مڪمل ٿيڻ تي سندس ساٿي استادن طرفان هڪ پروقار تقريب جو اهتمام ڪيو ويو۔ تقريب ۾ سٽي چيئرمين حاجي شڪيل باجوه، ڊائريڪٽر پرائمري ايجوڪيشن نوابشاهه پير غلام محي الدين شاهه جيلاني، ڊي او سيمس اينڊ پلاننگ عمرڪوٽ پرويز معظم لنگڙيال، ٽي او سيڪنڊري ميل ايجوڪيشن ڪنري نياز احمد ڪپري، رحمت الله لاشاري، نادر حسين گشڪوري، محمد اشرف آرائين، محمد زاهد آرائين، حاجي منير احمد آرائين سميت ٻين استادن، تعليم کاتي جي آفيسرن، شاگردن ۽ شهر جي معززن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ان موقعي تي مختلف مقررن پنهنجي خطاب ۾ تعليم جي شعبي ۾ قيمتي خدمتون سرانجام ڏيڻ تي سيد محبوب علي شاهه کي شاندار لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته فضل عمر هائير سيڪنڊري اسڪول جي تعمير ۽ ترقي ۾ سيد محبوب علي شاهه بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ اڄ فضل عمر هائير سيڪنڊري اسڪول ڪنري علائقي جو معياري ۽ مشهور تعليمي ادارو بڻجي چڪو آهي۔ سندس نگراني هيٺ سوين شاگرد تعليم جي زيور سان آراسته ٿي وڏن عهدن تي فائز ٿيا آهن۔ تعليمي ميدان ۾ سندس خدمتون تاريخي حيثيت رکن ٿيون ۽ کيس هميشه سونهري لفظن ۾ ياد ڪيو ويندو۔ان کان اڳ سيد محبوب علي شاهه جڏهن تقريب ۾ شرڪت لاءِ پهتا ته استادن ۽ شاگردن طرفان گلن جون پتيون نڇاور ڪري سندن شاندار استقبال ڪيو ويو۔ تقريب جي پڄاڻي تي کين گلن جون مالائون پارايون ويون، گلدستا ۽ ثقافتي تحفا پيش ڪيا ويا جڏهن ته تعارفي اسناد سان پڻ نوازيو ويو۔
0 تبصرے