چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي علي زمان جوکيو جي صدارت هيٺ اجلاس

چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي علي زمان جوکيو جي صدارت هيٺ اجلاس

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي علي زمان جوکیو جي صدارت هيٺ رمضان المبارڪ جي آمد جي حوالي سان مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي جو اهم اجلاس منعقد ٿيو اجلاس ۾ پوليس جي ڊي ايس پي سهراب ڳوٺ چيئرمين جي هدايت تي خصوصي شرڪت ڪئي ۽ مارڪيٽ ڪميٽي جي انتظاميه ۽ ميمبرن کي امن امان ۽ پوليس اهلڪارن جي مقرري بابت تفصيلي بريفنگ ڏني ان موقعي تي چيئرمين علي زمان جوکیو اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته نيو سبزي ۽ فروٽ منڊي سپر هاءِ وي تي اينڪروچمينٽ خلاف ڀرپور ڪارروائي جاري آهي، جنهن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن هن چيو ته رمضان المبارڪ جي مناسبت سان عوام کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مارڪيٽ ڪميٽي محدود وسيلن باوجود بهتر کان بهتر قدم کڻي رهي آهي۔ منڊي اندر روڊن جي تعمير ۽ گهٽين ۾ پيور بلاڪ وڇائڻ جو ڪم تيزي سان جاري آهي چيئرمين وڌيڪ ٻڌايو ته منڊي اندر وڏي مال بردار گاڏين جي غير ضروري بيهڪ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ نو پارڪنگ هنڌن تي بيهندڙ گاڏين خلاف ڀاري ڏنڊ ۽ قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن عوام جي اچ وڃ ۾ ڪنهن به قسم جي رنڊڪ پيدا نه ٿئي هن وڌيڪ چيو ته منڊي هڪ وڏو تجارتي مرڪز آهي، جتي هزارين واپاري، آبادگار ۽ صارف روزانو اچن وڃن ٿا، تنهن ڪري سندن جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ هر ممڪن اپاءُ ورتا ويا آهن۔ خاص طور تي باهه لڳڻ وارن واقعن کان بچاءَ لاءِ حفاظتي قدم کنيا ويا آهن، جن ۾ پلاسٽڪ جي ٿيلهن ۽ بورين جي استعمال تي پابندي به شامل آهي اجلاس ۾ وائس چيئرمين آصف احمد، سيڪريٽري مارڪيٽ ڪميٽي شريف عباسي، ميمبرن حاجي منظور بلوچ، حاجي عظيم خان، عيد محمد گبول، محبوب جوکھیو، لالا اسلم، علي ميمڻ، محمد حسن مينگل سميت مارڪيٽ ڪميٽي ڪراچي جا آفيسر پڻ شرڪت ڪئي اجلاس دوران مختلف ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪيا ويا