عمرڪوٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران محمد زمان کوسو کي حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنو ويو

محمد زمان کوسو جو ايوارڊ روٽري ڪلب امراڻو جي ميمبر، واپاري اڳواڻ سيٺ ڌرمداس نرڀاڻي وصول ڪيو

عمرڪوٽ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران محمد زمان کوسو کي حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي عمرڪوٽ طرفان انٽرنيشنل روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو کي حسنِ ڪارڪردگي ايوارڊ ڏنو ويو، ايوارڊ سندس نمائندي ۽ روٽري ڪلب امراڻو جي ميمبر، واپاري اڳواڻ سيٺ ڌرمداس نرڀاڻي پاران پريس ڪلب عمرڪوٽ جي هال ۾ وصول ڪيو ويو، تقريب کي خطاب ڪندي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي صدر رسول بخش رحيمداڻي چيو ته سماج ۾ جيڪي ماڻهون ملڪ ۽ قوم لاءِ مثبت خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن، انهن جي همت افزائي ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي هر سال اهڙين شخصيتن کي ايوارڊ ڏيندي رهندي، جيئن ٻين کي به سٺو ڪم ڪرڻ جي ترغيب ملي، رسول بخش رحيمداڻي وڌيڪَ چيو ته نوجوانن سان گڏ نياڻين کي به اڳتي وڌڻ جا موقعا ملڻ گهرجن، ۽ مستقبل ۾ انهن لاءِ به بهتر سهولتون مهيا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي، تقريب ۾ شهر جي مختلف معزز شخصيتن، صحافين ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.