مورو ۾ يوم يڪجهتي انقلاب اسلامي ايران جي عنوان ھيٺ ريلي ڪڍي وئي

مورو ۾ يوم يڪجهتي انقلاب اسلامي ايران جي عنوان ھيٺ ريلي ڪڍي وئي

مورو(جاني جماڻي)تحريڪ بيداري امت مصطفي علمدار اسڪائوٽ، اصغريہ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پاڪستان يونٽ مورو ۽ اصغريہ علم و عمل تحريڪ پاڪستان يونٽ مورو طرفان يوم يڪجهتي انقلاب اسلامي ايران جي عنوان ھيٺ ريلي ڪڍي وئي جنھن جي اڳواڻي غلام مصطفي چنا، تصور علي لغاري، سيد غلام مرتضي شاھ، شھزاد علي سرھيو، بابر علي عمراڻي، شھباز علي جوکيو، جاويد علي سرھيو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ريلي مرڪزي امام بارگاھ حسيني کان ڪڍي وئي جيڪا مختلف ھنڌن کان ٿيندي مورو پريس ڪلب وٽ پھتي جتي جلسو منعقد ڪيو ويو جتي مذڪورا اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ اڄ کان 47 سال اڳ اسلامي ملڪ ايران ۾ امام خميني شھنشاھ جي حڪومت جو تختو ختم ڪري انقلاب آندو ۽ پنھنجي حڪومت قائم ڪئي ۽ ايران کي اسلامي ملڪ ھجڻ سان گڏ دنيا جو مثالي انقلابي ملڪ بڻايو جيڪو تسلسل ھن وقت تائين جاري آھي جنھن جي ياد ملھائي خوشي ملھائي رھيا آھيون. ھنن چيو ته اسلام آباد ۾ امام بارگاھ تي ڪيل بم حملي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ انھي بم ڌماڪي ۾ ملوثن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي سخت کان سخت سزا ڏئي شيعا مومنين جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ء شھيدن توڙي زخمين جي وارثن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آھيون. ھن. چيو تہ اسلام ۽ دين بچائڻ لاءِ ڪربلا جي ميدان ۾ سجدي دوران حضرت امام حسين عليه السلام سندس ساٿين کي شھيد ڪيو ويو ۽ ھاڻي بہ سجدن ۾ اسان امام حسين جي پيروڪارن کي خودڪش بم حملا ڪري شھيد ڪيو پيو وڃي ھي جذبو رڪجڻ وارو ناھي ۽ قيامت تائين جاري رھندو.