سزا ٻڌايلن ۾ حمزو خشڪ، هاشم خشڪ، نور حسن خشڪ، محمد امين خشڪ ۽ دائود خشڪ شامل
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو پاران قتل جي واردات ۾ ملوث جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، قاتلاڻي حملي ۽ بغير لائسنس اسلحو رکڻ جي ڏوهه ۾ به 14 سال قيد ۽ ڏنڊ بہ وڌو ويو، تفصيل موجب 12 اپريل 2021 تي گھوڙاٻاري ٿاڻي جي حد گار موري جي علائقي ۾ قتل جو واقعو پيش آيو هو. جنهن ۾ پراڻي قتل جي پلاند ۾ جوابدارن هاشم خشڪ ۽ حمزو خشڪ طيش ۾ اچي بغير لائسنس پسٽل سان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ غلام رسول عرف نورو خشڪ فوت ٿي ويو. واقعي کان پوءِ گھوڙاٻاري پوليس مقتول جي والد مير حسن خشڪ جي فرياد تي فوري طور جوابدارن حمزو خشڪ، هاشم خشڪ، نور حسن عرف K-2، محمد امين خشڪ، صاحب ڏنو خشڪ ۽ دائود خشڪ جي خلاف قتل جي قلمن تحت مقدمو نمبر 14/2021 قلم 302, 109, 114, 341 تعزيرات پاڪستان تحت داخل ڪري قانوني ڪارروائي جو آغاز ڪيو. هن انتهائي سنگين نوعيت جي مقدمي جي جاچ سب انسپيڪٽر عبدالحميد رودناڻي جي حوالي ڪئي وئي، جنهن پروفيشنل مهارت، محنت ۽ قانوني تقاضن موجب جاچ مڪمل ڪئي، جاچ دوران جوابدارن کان واردات ۾ استعمال ٿيل بغير لائسنس 2 پسٽل برآمد ڪيا ويا، جنهن جي بنياد تي جوابدارن خلاف سرڪار جي مدعيت ۾ آرمز ايڪٽ تحت الڳ ڪيس پڻ داخل ڪيا ويا، جاچ آفيسر مقدمي سان لاڳاپيل سموريون شاهديون، شاهدن جا بيان، ميڊيڪل رپورٽون ۽ ٻيا اهم قانوني ثبوت گڏ ڪري معزز عدالت ۾ پيش ڪيا. مقدمي جي مڪمل ٻڌڻي کانپوءِ معزز فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ٺٽو جناب اسلام الحق آرائين صاحب غلام رسول عرف نورو خشڪ جي قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي جوابدارن حمزو ولد سومار خشڪ، هاشم ولد حاجي خشڪ، نور حسن ولد حسين خشڪ، محمد امين ولد يعقوب خشڪ ۽ دائود ولد صاحب ڏنو خشڪ کي عمر قيد جي سزا ۽ هڪ هڪ لک روپيا نقد ڏنڊ جي سزا ٻڌائي، ان کان علاوہ بغير لائسنس اسلحو پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۽ ان کي ڏوهه ۾ استعمال ڪرڻ جو الزام پڻ ثابت ٿيڻ تي معزز عدالت جوابدارن حمزه خشڪ ۽ هاشم خشڪ کي (14) سال قيد ۽ هڪ هڪ لک روپيا نقد ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ صاحب ڏنو خشڪ کي ثابتي نه ٿيڻ تي آزاد ڪيو ويو، جوابدار حمزو خشڪ، هاشم خشڪ، نور حسن خشڪ ۽ محمد امين اڳ ئي گرفتار ٿي جيل ڪسٽڊي ۾ هئا. بعد ۾ نور حسن خشڪ ۽ محمد امين خشڪ ضمانت تي نڪتا هئا، فيصلي جي موقعي تي کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، جتان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ کين سزا ڪاٽڻ لاءِ ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويو، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ان موقعي تي واضح ڪيو ته ضلعي ۾ امن امان جي قيام، انساني جان جي تحفظ ۽ سنگين ڏوهن ۾ ملوث عناصرن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي جو سلسلو جاري رهندو، ۽ ڪنهن کي به قانون کان مٿانهون نه سمجهيو ويندو.
0 تبصرے