English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملڪ جا دھشتگرد ۽ سندن سھوليت ڪار
78 views
|
10th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تحرير- نديم علي خواجه
پاڪستان ۾ دھشتگردي ۽ خودڪش حملا نوان نه آھن، ملڪ ۾ ماضي ۾ پڻ مذھبي عبادتگاھن ۽ مذھبي اڳواڻن کي دھشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آھي، عورتن، معصوم ٻارن، بزرگن ۽ نوجوانن سميت ڪيترن ئي ماڻھن کي شھيد ڪيو ويو آھي، وفاقي حڪومت جي اھا ئي ڪوشش رھي آھي ته ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ اھڙن واقعن جي روڪٿام ڪئي وڃي، ۽ وفاقي حڪومت سميت صوبائي حڪومتون پڻ دھشتگردي جي واقعن جي روڪٿام جي لاء ڪوشان آھن، پر افسوس جو اڃان تائين وفاقي حڪومت پنھنجي مقصد ۾ ڪاميابي حاصل ڪري نه سگھي آھي، جنھن جي ھو خواھش رکي ٿي، تازو پاڪستان جي گادي واري شھر اسلام آباد ۾ ھڪ امام بارگاھ اندر نماز دوران خودڪش حملو ڪيو ويو، جنھن ۾ ٻارن ۽ بزرگن سميت ڪيترائي نمازي شھيد ٿي ويا، چيو پيو وڃي تي امام بارگاھ جي مرڪزي دروازي تي سيڪيورٽي گارڊ دھشتگرد کي امام بارگاھ اندر داخل ٿيئڻ کان روڪيو، جنھن تي ھن پڻ پاڻ کي دماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو،
وفاقي حڪومت جو موقف آھي ته خودڪش حملي آور جو تعلق دھشتگرد تنظيم فتنه الخوارج سان آھي، نه صرف ملڪ جي سياسي ۽ سماجي اڳواڻن دھشتگردي جي انھي واقعي جي مذمت ڪئي آھي، پر عالمي اڳواڻن پڻ انھي واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي دھشتگردي جي انھي واردات ۾ شھيد ٿيندڙن جي وارثن سان گھري ڏک ۽ ھمدردي جو اظھار ڪيو آھي، افسوس انھي ڳالھ جو آھي ته دھشتگرد ملڪ جي ھر مذھب کي نشانو بڻائي رھيا آھن، مسلمان ھجن يا غير مسلم، سندن عبادتگاھون دھشتگردن کان محفوظ نه آھن،
دھشتگردي جي اھڙن واقعن سبب نه صرف ملڪ ۾ خوف ۽ حراس وارو ماحول پيدا ٿي رھيو آھي، پر ملڪ جي معيشت تي پڻ خراب اثر ٿي رھيو آھي، ٻاھر کان ايندڙ سرمائيڪار جيڪي پاڪستان ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ جا خواھشمند آھن، اھي ھاڻي سوچڻ تي مجبور آھن ته اسان جو سرمايو ھن ملڪ ۾ محفوظ رھندو يا نه، خود افغانستان پڻ انھي بزدلانه حملي جي مذمت ڪئي آھي، افغان حڪومت جي ترجمان جو اھو به چوڻ آھي ته اسلام ھڪ پر امن مذھب آھي، جيڪو اھڙن حملن جي ڪڏھن به اجازت نٿو ڏي، پاڪستان ۾ پڻ ھر مذھب کي آزادي حاصل آھي،
پاڪستان جي آزادي کان وٺي رياست جي اھا ئي ڪوشش رھي آھي ته ھر مذھب جو احترام ڪيو وڃي، ۽ مڪمل تحفظ فراھم ڪيو وڃي، پاڪستان حڪومت جي ڪوششن باوجود دھشتگرد پنھنجو مقصد حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نظر اچي رھيا آھن، ميڊيا موجب خودڪش حملي آور جي سڃاڻپ ظاھر ٿي چڪي آھي، چيو پيو وڃي ته حملي آور جو تعلق پشاور سان آھي، ھن ڪيترائي ڀيرا افغانستان جو دورو ڪيو آھي، جتي کيس دھشتگردي جي ٽريننگ ڏني ويئي ھئي، اھو به چيو پيو وڃي ته افغانستان جي صوبي ڪنڙ جي ٽريننگ سينٽر ۾ ھن کي سکيا ڏني ويئي ته جيئن پاڪستان وڃي بيگناھ شھرين کي شھيد ڪري سگھي، پاڪستان هميشه اھو ئي الزام لڳائيندو رھيو آھي ته افغانستان جي سرزمين کي دھشتگردي لاء استعمال ڪيو پيو وڃي، جتان دھشتگردن کي مڪمل سکيا ڏئي پاڪستان ۾ ڪاروائين لاء موڪليو ويندو آھي، جنھن جا ثبوت پڻ پاڪستان نه صرف افغان جي طالبان حڪومت کي فراھم ڪيا آھن، پر عالمي ادارن آڳيان پر اھڙا ثبوت پيش ڪيا آھن، پر افغان سرڪار ھميشه انڪاري رھي آھي، پاڪستان اھو به ثبوت ڏنو آھي ته افغان سرزمين کي ڀارت پنھنجي مقصد لاء استعمال ڪري رھيو آھي، ڇوته ڀارت شروع کان ئي پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪري رھيو آھي،
پاڪستان جي فورسز افغانستان ۾ دھشتگردن جي ٺڪاڻن تي پڻ حملا ڪري سندن نيٽ ورڪ کي تمام گھڻو نقصان رسايو ھو، پاڪستان جي وفاقي وزير دفاع خواجه آصف جو چوڻ آھي ته اھڙن ڪاروائين ۾ ڀارت ۽ افغانستان حڪومت جي صلاح شامل آھي، پاڪستان هميشه افغان حڪومت جي حمايت ۽ مدد ڪئي آھي، افغان شھرين کي پناھ ڏني آھي، پر افسوس جو اھي افغاني پنھنجي محسن ملڪ پاڪستان سان نمڪ حلالي وارو ڪردار ادا ڪري نه سگھيا آھن، ۽ پاڪستان ۾ رھي ڪري ھميشه پاڪستان کي نقصان رسايو آھي، تازو پاڪستان جي فورسز ملڪ جي مختلف علائقن ۾ دھشتگردن خلاف ڪاروايون ڪري کين جھنم واصل ڪيو آھي،
دھشتگردن کي ھاڻي ملڪ ۾ لڪڻ جي جاء به نٿي ملي، جنھن جو اھم سبب اھو آھي ته دھشتگرد کي پناھ ڏيندڙ ۽ سندن مالي مدد ڪندڙ سھولتڪارن تائين پھچي ويئي آھي، ۽ انھن خلاف ڪاروايون تيز ڪري ڇڏيون آھن، پاڪستان سرڪار جيڪو به دھشتگردن خلاف قدم کڻي رھي آھي، اھو يقينن ساراھ جوڳو آھي، پر اڃان به پاڪستان کي وڌيڪ حڪمت عملي ڪرڻي پوندي، ملڪ جي سرحدن کي مضبوط ڪيو وڃي، ته جيئن دھشتگرد نه ملڪ کان ٻاھر نڪري سگھن، ۽ نه ئي ملڪ اندر داخل ٿي سگھن، ھن وقت ڪيترن ئي ملڪن جا سربراھ پاڪستان جو دورو ڪري رھيا آھن، ملڪ اندر سرمائيڪاري ٿي رھي آھي، ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن تي صحيون ٿي رھيون آھن، جنھن سان ڀارت ۽ افغانستان ۾ نفرت پيدا ٿي رھي آھي، انھن ٻنھي ملڪن جي اھا ئي ڪوشش آھي ته ڪنھن به طريقي سان پاڪستان ۾ اھڙو ماحول پيدا ڪيو وڃي، جنھن سان ملڪ اندر ايندڙ سرمائيڪاري کي روڪي سگھجي،
جيڪڏھن پاڪستان اھڙن ڪاروائين کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته يقينن اھا پاڪستان جي وڏي دفاعي ڪاميابي ھوندي، ۽ ملڪ جي معيشت مضبوط ٿيندي، ايندڙ ڏينھن يقينن دھشتگردن ۽ سندن سھولتڪارن لاء ڏکيا ثابت ٿيندا، انھي لاء ملڪ جي ھر سياسي پارٽي کي ھڪ ئي پليٽ فارم تي متحد ٿيئڻو پوندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملڪ جا دھشتگرد ۽ سندن سھوليت ڪار
تحرير- نديم علي خواجه
islamabad blast
0 تبصرے