سرمد علي ڀاڳت دوران دوران مختلف ڪلاس رومز جو معائنو ڪيو ۽ ٻارن سان ملاقات ڪئي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت اوچتو اسپيشل ايجوڪيشن سينٽر مڪلي جو دورو ڪري جاري تدريسي عمل جو تفصيلي جائزو ورتو ۔ ان موقعي تي هن مختلف ڪلاس رومز جو معائنو ڪيو ۽ خاص ٻارن سان ملاقات دوران ساڻن ڳالهه ٻولهه به ڪئي ۔ ڊپٽي ڪمشنر استادن کان تدريسي سرگرمين ، سهولتن ۽ ٻارن جي تعليمي اڳڀرائي بابت ڄاڻ حاصل ڪئي ۔ هن سينٽر جي مجموعي ڪارڪردگي کي ساراهيندي چيو ته خاص ٻار به سماج جي ٻين عام ٻارن وانگر برابر اهميت رکن ٿا ۽ انهن جي بهتر تعليم ۽ تربيت حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي۔ هن هدايت ڪئي ته خاص ٻارن کي جديد تقاضائن مطابق معياري تعليم فراهم ڪئي وڃي ته جيئن هو مستقبل ۾ پاڻ کي هڪ ڪارآمد شهري طور مڃرائي سگهن ۔ ڊپٽي ڪمشنر سينٽر جي انتظاميه جي محنت ۽ ڪوششن کي ساراهيندي يقين ڏياريو ته خاص تعليم جي ادارن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪيو ويندو۔
0 تبصرے