چوٽياريون واقعو، پوليس متاثر ناري کي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو
پوليس ناري کي 164تحت بيان رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو
الزام هيٺ آيل جوابدار وزير راڄڙ کي به پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو
متاثر ناري جو چون هو ته 20۽21 جنوري تي وزير راڄڙ پسٽل جي زور تي گهر ۾ گهڙي زبردستي باغ واري زمين تي کڻي ويو
جوابدار مون سان زبردستي جنسي زيادتي ڪئي ۽ بعد ۾ منهنجي چهري تي بليڊ سان جهير ڏنا
جوابدار تشدد جو نشانو بڻايو ۽ زبان تي به ڪٽ لڳايو، بعد ۾ موٽرسائيڪل تي ويهاري گهر ڀرسان اڇلائي فرار ٿي ويو
جي آءِ ٽي ميمبر زڪريا ڪوريجو موجب جي آءِ ٽي ڪيس جي سمورن قانوني رخن کي نظر ۾ رکي جاچ ڪري رهي آهي قانوني گهرجون پوريون ٿيڻ بعد ڪيس جو مڪمل چالان عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو
0 تبصرے