ٺٽو(ڊ ر) ٺٽو پوليس جي ڪامياب ۽ دبنگ ڪارروائي 10 ڏينهن اڳ ٿاڻي ڪيٽي بندر جي حدن مان محمد انور جٽ جي ايگريڪلچر فارم تان لکين روپين ماليت جا ڇنيا ويل 8 مان 6 مال مويشي بازياب 5 جوابدار گرفتار، ڏوهن ۾ استعمال ٿيل مزدا ٽرڪ ۽ 3 پسٽل هٿ، ڪيس داخل ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق خان ڌاريجو جي حڪمن ۽ ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي هدايتن تي ڏوهاري عنصرن خلاف ٺٽو پوليس جون تيز ۽ اثرائتي ڪارروائيون جاري آهن۔ تفصيل موجب 22 جنوري 2026ع تي رات جو 8/10 نامعلوم هٿياربند جوابدارن ٿاڻي ڪيٽي بندر جي حد ديھ جاماني ابراهيم شاهه، تعلقو ڪيٽي بندر ۾ محمد انور جٽ جي ايگريڪلچر فارم تان هٿيارن جي زور تي لکين روپين ماليت جا 8 مال مويشي ڇني مزدا ٽرڪ ۾ لوڊ ڪري فرار ٿي ويا هئا، جنهن بابت مدعي محمد انور جٽ جي فرياد تي ٿاڻي ڪيٽي بندر تي ڪيس نمبر 5/2026 تحت دفعائون 395، 342 تعزيرات پاڪستان داخل ڪيو ويو هو۔ ايس ايس پي ٺٽو واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي سينيئر آفيسرن تي مشتمل ٽيم جوڙي، جنهن ۾ ايس ڊي پي گاڙهو ڊي ايس پي عبدالرؤف نوھڙيو، ايس ايڇ او ٿاڻو گھوڙاٻاڙي انسپيڪٽر ماجد علي ڪورائي، انچارج سي آءِ اي ٺٽو انسپيڪٽر عطر علي چنه، انچارج ڊي آءِ سي انسپيڪٽر فيصل شفيع ميمڻ، ايس ايڇ او ٿاڻو ڪيٽي بندر انسپيڪٽر عبدالعزيز سومرو، ايس ايڇ او ٿاڻو ساڪرو انسپيڪٽر سائين ڏنو ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او ٿاڻو ڳاڙهو سب انسپيڪٽر عبدالحميد رودناني شامل هئا۔ جاچ دوران ٽيم جديد ٽيڪنيڪل سسٽم جي مدد سان ڪيس کي ٽريس آئوٽ ڪري 5 جوابدارن علي ولد اسماعيل جٽ، عبدالواحد ولد سلطان احمد آرائين، گلاب ولد عثمان چانڊيو، وسيم ولد عارف چانڊيو ۽ سليمان عرف لونگ ولد صالح محمد منگريو کي گرفتار ڪري ورتو۔ ابتدائي جاچ دوران جوابدارن جي نشاندهي تي ڇنيا ويل 8 مان 6 مال مويشي، ڏوهن ۾ استعمال ٿيل 3 پسٽل ۽ مزدا ٽرڪ نمبر JZ-0635 به بازياب ڪري ورتي وئي آهي۔ وڌيڪ برآمدگين لاءِ جوابدارن جو پوليس ريمانڊ حاصل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سندن ڪرمنل رڪارڊ پڻ چيڪ ڪيو پيو وڃي۔ ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس جا ڇاپا جاري آهن ۽ جاچ جو عمل جاري آهي۔ بازياب ٿيل مال مويشي اصل مالڪ محمد انور جٽ حوالي ڪيا ويا، جنهن تي مدعي پاران ايس ايس پي ٺٽو ۽ پوليس ٽيم جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪيو ويو۔ ايس ايس پي ٺٽو چيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف ٺٽو پوليس جون ڪارروائيون جاري رهنديون ۽ ڪنهن به ڏوهاري کي ڪنهن به صورت ۾ نه ڇڏبو۔ عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت پوليس جو اولين فرض آهي۔ بهترين ڪارروائي سرانجام ڏيڻ تي ايس ايس پي ٺٽو پاران پوليس پارٽي کي شاباس ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو ويو۔ پوليس جي هن ڪامياب ۽ دبنگ ڪارروائي تي ڪيٽي بندر، گاڙهو ۽ ساڪرو جي رهواسين پاران ڊي آءِ جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو، ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي سميت پوليس آفيسرن عبدالرؤف نوھڙيو، ماجد علي ڪورائي، عطر علي چنه، فيصل شفيع ميمڻ، عبدالعزيز سومرو، سائين ڏنو ٻرڙو، عبدالحميد رودناني ۽ سڄي پوليس پارٽي کي خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو آهي
0 تبصرے