گھوڙاٻاڙي ويجهو بي يو بچاؤ بند جي پيچنگ جو پٿر چوري ٿيڻ جو انڪشاف

آبڪلاڻي موسم ۾ بچاؤ بند جي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو،ايريگيشن کاتو ننڊ پيل

گھوڙاٻاڙي ويجهو بي يو بچاؤ بند جي پيچنگ جو پٿر چوري ٿيڻ جو انڪشاف

ٺٽو(ڊر) گھوڙاٻاڙي تعلقي جي تپو گليل ۾ ڳوٺ آگيڏنو ڳاھو لڳ بي يو بچاؤ بند جي پيچنگ جي پٿر جي چوري جو انڪشاف،آبڪلاڻي موسم ۾ بچاؤ بند جي ٽٽڻ جو خطرو وڌي ويو،ايريگيشن کاتو ننڍ ۾،پيرپٺو پوليس جي بہ ملوث ھجڻ جو انڪشاف.تفصيلي خبر موجب گھوڙاٻاڙي تعلقي ۾ گليل تپي ۾ ڳوٺ آگيڏنو ڳاھو لڳ بي يو بچاؤ بند کي لڳل پٿر جي پيچنگ مان بااثرن پاران پٿر چوري جو سلسلو شروع ڪيو ويو آھي،باخبر ذريعن مطابق ان پٿر چوري جي ڪم ۾ باثر آچو ولد علي محمد ڳاھو، ذوالفقار جاڙيجو ۽ گلڻ ٻاٻڙو شامل آھن،جيڪي اتان قيمتي پٿر چوري ڪري وڪڻي رھيا آھن جنھن ڪري حساس قرار ڏنل بچاؤ بند پٿر نڪرڻ سبب وڌيڪ ڪمزور ٿي رھيو آھي، ڳوٺاڻن خدشو ڏيکاريو آھي تہ جيڪڏھن اھو سلسلو جاري رھيو تہ بچاؤ بند ڪمزور ٿيڻ سبب پاڻي اچڻ کان پو ٽٽي سگھي ٿو ۽ ٻوڏ جو خطرو وڌي ويندو.جڏھن تہ اھا پڻ خبر پئي آھي تہ ان پٿر چوري واري ڪم ۾ ايريگيشن جا ننڍا ملازم پڻ ملوث آھن ۽ انھن کي پيرپٺو پوليس جي سرپرستي پڻ حاصل آھي،جڏھن تہ مقامي ڳوٺاڻن ايريگيشن جي اعلا عملدارن ۽ ايس ايس پي ٺٽو کان فوري طور بچاؤ بند جي پيچنگ جي پٿرن جي چوري ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آھي.