English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪنري ۾ ڪرسمس جي تقريب، مڪتب فڪر جي ماڻھن پاران شرڪت
103 views
|
23rd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٻارن سنڌي، بلوچي، پنجابي، پٺاڻ ۽ مارواڙي ذاتين تي ٻڌل شاندار ٽيبلوز پيش ڪري داد حاصل ڪيو
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ ڪرسمس جي تقريب، مڪتب فڪر جي ماڻھن پاران شرڪت ڪري مذھبي ھم آھنگي ۽ خوشين جو اظھار، ٻارن پاران ٽيبلوز ۽ گيت پيش، ڪيڪ ڪاٽيو ويو. تفصيل موجب ڪنري ۾ ڪرسمس جون خوشيون ورھائڻ جي حوالي سان شاندار تقريب ڪوٺائي وئي، پيس ڪميونٽي گروپ ڪنري پاران سماجي تنظيم سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي سهڪار سان منعقد تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان ڀنگوار، سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي ضلعي ميئنيجر مير حسن آريسر، پيس ڪميونٽي گروپ جي تعلقي صدر راجا اسد علي علوي، راجا جھانسن، پ پ اڳواڻ فقير نواز علي سومرو، ڀڳت گينو ڪولھي، مولوي شھزاد قادري، اسلم جھوني، پاسٽر ساجن، مسيح برادري جي عورتن، ٻارن، سياسي، سماجي اڳواڻن سميت مڪتب فڪر جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ مذھبي ھم آھنگي جي مثال قائم ڪئي وئي، ان موقعي تي ٻارڙن پاران ڪرسمس ۽ لوڪ گيتن تي رقص پيش ڪيو، جڏھن ته ٻارن سنڌي، بلوچي، پنجابي، پٺاڻ ۽ مارواڙي ذاتين تي ٻڌل شاندار ٽيبلوز پيش ڪري خوب داد حاصل ڪيو، تقريب ۾ هڪ خوبصورت ڪرسمس ٽري پڻ لڳايو ويو، جڏھن ته تقريب ۾ موجود سمورن ٻارن ۽ مھمانن کي چاڪليٽن ۽ ٽافين جا تحفا ڏنا ويا، تقريب ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ سمورن مذهبن ۽ مسلڪن کي مڪمل مذهبي آزادي حاصل آهي. هنن چيو ته تحريڪِ پاڪستان کان وٺي قيامِ پاڪستان تائين مسيحي برادري اهم، قابلِ فخر ۽ تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي ڪڏهن به وساري نٿو سگهجي. ان موقعي تي سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام (CSSP) جي ڊسٽرڪٽ مئنيجر مير حسن آريسر چيو ته سندن اداري جو بنيادي مقصد سماج ۾ محبت، رواداري ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪرڻ ۽ نفرت ۽ تعصب جو خاتمو ڪرڻ آهي. هن سنڌ حڪومت پاران پهريون ڀيرو اقليتن لاءِ شادي رجسٽريشن بل جي منظوري کي ساراهه جوڳو ۽ تاريخي قدم قرار ڏنو، هن چيو ته اقليتن جي حقن جي تحفظ لاءِ سڀ کان وڌيڪ قانونسازي سنڌ حڪومت ڪئي آهي، پ پ پ ضلعي عمرڪوٽ جي جنرل سيڪريٽري صوفي نواز علي چيو ته سنڌ حڪومت اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ کين برابر موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ عملي ۽ اثرائتا قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هميشه اقليتن جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان مختلف مذهبن جي پوئلڳن جو گڏيل وطن آهي ۽ امن، رواداري ۽ ڀائيچارو ئي سماجي ترقي جي مضبوط بنياد آهي، پيس ڪميٽي گروپ تعلقه ڪنري جي صدر راجا اسد علي علوي چيو ته پاڪستان سمورن مذهبن جي پوئلڳن جو گڏيل وطن آهي، جتي امن ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏيڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي. هن چيو ته سندن تنظيم پڻ سماج ۾ محبت جو پيغام عام ڪرڻ ۽ نفرت جي خاتمي لاءِ سرگرم عمل آهي، اسان کي سڀني مذهبن جي تھوار ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪرڻ گهرجي ۽ سڀني مذهبن جو احترام ڪرڻ گهرجي ڪرسمس جو تھوار محبتون ۽ خوشيون ورھائڻ جو ڏڻ آھي پروگرام جي پڄاڻي تي ڪرسمس جو ڪيڪ ڪٽيو ويو ۽ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گهري وئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری کی نہال ہاشمی کو سندھ کا گورنر بننے پر مبارک باد
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
صدرِ مملکت آصف علی زرداری کی نہال ہاشمی کو گورنر سندھ تعینات کرنے کی منظوری
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
علاقائی کشیدگی: عوام کے لیے بری خبر، پٹرولیم وزیر نے خطرے کی گھنٹی بجا دی
12th Mar 2026
•
تازہ ترین
اہم سیاسی شخصیات اور اعلیٰ عہدہ داروں کے قریبی افراد کاروبار نہیں کر سکیں گے، ریگولیشنز تیار
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: مڪلي باءِ پاس موڙ وٽ ڊمپر جهوپڙي مٿان چڙهي ويو،ماءُ ڌيءَ ۽ پٽ سميت فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميرواھ گورچاڻي ڀرسان مسافر ڪوچ جو 2موٽرسائيڪلن کي ٽڪر، پيءُ ڌيءَ سميت 4 ڄڻا فوت
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: هاشم خاصخيلي ڳوٺ جي سيوريج لائين ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ خلاف احتجاج
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪنري ۾ ڪرسمس جي تقريب
ٻارن سنڌي، بلوچي، پنجابي، پٺاڻ ۽ مارواڙي
0 تبصرے