English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
96 views
|
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ٺٽو شھر، مڪلي۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڳري ٽرئفڪ، خاص ڪري تيز رفتار ڊمپرن ۽ ٽرڪن سبب وڌندڙ حادثا عوام لاءِ مستقل خطرو بڻجي چڪا آهن. شهرين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن لاڳاپيل اختيارين طرفان ٽريفڪ بابت مستقل ۽ سنجيده اپاءَ وٺي ان تي ڪنٽرول نه آندو ويو ته عوام جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي سگهي ٿو، جنهن جا نتيجا ڪنهن به وقت خطرناڪ صورت اختيار ڪري سگهن ٿا.شهرين ۽ سول سوسائٽي طرفان ايس ايس پي ٺٽو کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته مڪلي بائي پاس، ٺٽو بائي پاس ۽ حيدرآباد بائي پاس تان ڳري ٽرئفڪ کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو وڃي، جڏهن ته ڪيمرا سسٽم ۽ موجوده ٽريفڪ انتظامن جو نئين سر جائزو ورتو وڃي، ڇاڪاڻ ته موجوده نظام سان عوام کي تمام گھڻو جاني ۽ مالي نقصان برداشت ڪرڻو پوي پيو.واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ مڪلي ۾ ٽرڪ جي حادثي ۾ ٻن نوجوانن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ ٽريفڪ پوليس جي اهلڪارن خلاف لاپرواهي جي الزام هيٺ ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو هو، جنهن بعد ڊي ايس پي ٺٽو کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري معاملي جي جانچ ڪرڻ لاءِ چيو ويو، پر افسوس جو اڃا تائين ان انڪوائري جو ڪو به نتيجو سامهون نه اچي سگهيو آهي، جنهن سبب عوام ۾ بيچيني وڌي وئي آهي. ان صورتحال خلاف اڄ ڪجهه شاگردن پڻ احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي مطالبو ڪيو ته ڳري ٽرئفڪ تي مڪمل پابندي لاڳو ڪري انساني جانين جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.ٻئي پاسي، پوليس طرفان نمائشي ڪارروائي ڪندي پوليس اسٽيشن مڪلي جي ايس ايڇ او سب انسپيڪٽر الله وسايو نوهڙي پنهنجي عملي سان گڏ غلام الله چوڪ اين-3 پيٽرول پمپ ويجهو ڪارروائي ڪري ٻن ڊمپر ڊرائيورن، انور ولد حبيب الله پٺاڻ ۽ غفران ولد عبدالله پٺاڻ کي لاپرواهي سان گاڏي هلائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري پوليس اسٽيشن مڪلي تي مٿن ڪيس داخل ڪيو آهي، جنهن کي شهرين طرفان عارضي ۽ علامتي قدم قرار ڏنو پيو وڃي.شهرين جو چوڻ آهي ته جيستائين تائين ڳري ٽرئفڪ بابت مستقل پاليسي، بائي پاسن تي واضح انتظام، رفتار جي حدن تي سختي سان عمل ۽ ذميوار اهلڪارن خلاف نتيجه خيز ڪارروائي نه ڪئي ويندي، تيستائين اهڙيون نمائشي ڪارروائيون ڪو به لاڀ ڏئي نه سگھنديون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾
0 تبصرے