English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪراچي: گورنمينٽ اسڪول نبي باغ ڪيمپس ۾ سائنس، آرٽس ۽ ميٿميٽڪس مقابلا
66 views
|
15th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
مقابلي ۾ ڇهين، ستين ۽ اٺين جماعت جي شاگردياڻين تخليقي صلاحيتن، سائنسي سوچ ۽ عملي مسئلا حل ڪرڻ جي مهارتن کي اجاڳرڪيو ويو
يسريٰ انيسا، عائشھ عليزه، آنسھ فرح خالد، هانيه، انعمت، ام حبيبه، مومنه ۽ ماهنور ڪامياب شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ويا مهمانن پاران شاگردياڻين جي محنت ۽ اسڪول انتظاميه جي انتظامن جي واکاڻ، بهترين ڪارڪردگي تي استادن کي پڻ شيلڊز ڏنيون ويون ڪراچي(رپورٽر)گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول، نبي باغ ڪيمپس، منظور ڪالوني، جمشيد ٽائون، ضلعي ايسٽ ڪراچي ۾ تعليمي سال 2025-26 تحت STEAM (سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ ميٿميٽڪس) مقابلي جو اسڪول رائونڊ ڪاميابي سان منعقد ڪيو ويو. مقابلي جو مقصد ڇهين، ستين ۽ اٺين جماعت جي شاگردياڻين ۾ تخليقي صلاحيتن، سائنسي سوچ ۽ عملي مسئلا حل ڪرڻ جي مهارتن کي هٿي ڏيڻ هو. مقابلو ٽن اهم ڪيٽيگريز ۾ ورهايو ويو، جنهن ۾ شاگردياڻين استعمال ٿيل ۽ ري سائيڪل مواد سان پنهنجا ماڊل تيار ڪيا. ڪيٽيگريز ۾ نيبرهوڊ (مقامي سماجي مسئلا ۽ ماحولياتي حل)، وهيڪل (ٻن ۽ ٽن ڦيٿن وارين گاڏين جا ڊيزائن) ۽ پلي اسڪيپ/پارڪ (پائيدار ۽ تفريحي راندين جا ميدان) شامل هئا. پروگرام جو باقاعده آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪيو ويو، جڏهن ته تقريب جي ڪمپئرنگ ذونيب علي صاحب ڪئي. هن STEAM تعليم جي اهميت ۽ مقابلي جي مقصدن تي روشني وڌي. شاگردياڻين پاران پيش ڪيل ماڊلز نه صرف تخليقي هئا پر سماج ۾ موجود مسئلن جا عملي حل پڻ پيش ڪري رهيا هئا، جنهن سان سندن انجنيئرنگ ۽ آرٽس سان لاڳاپيل صلاحيتون نمايان ٿيون. مقابلي ۾ خاص مهمان طور شفيق آرائين (تعلقا ايجوڪيشن سيڪنڊري ميل، جمشيد ٽائون) شرڪت ڪئي، جڏهن ته ٻين معزز مهمانن ۾ اشتياق احمد (سابق ڊپٽي ڊي اي او، ضلعي ايسٽ) ۽ مقصود مگسي (رٽائرڊ سينيئر ٽيچر) شامل هئا. مهمانِ خاص هر اسٽال جو دورو ڪري شاگردياڻين جي پروجيڪٽس ۾ گهري دلچسپي ورتي. ججز ڪميٽي، جنهن ۾ ظفر، مقصود مگسي ۽ اشتياء شامل هئا، پروجيڪٽس جو جائزو وٺڻ بعد فاتحن جو اعلان ڪيو. پلي اسڪيپ ڪيٽيگري ۾ يسريٰ انيسا ۽ عائشہ عليزه، نيبرهوڊ ڪيٽيگري ۾ آنسہ فرح خالد ۽ هانيه (واٽر فلٽر)، ۽ وهيڪل ڪيٽيگري ۾ انعمت، ام حبيبه، مومنه ۽ ماهنور (وهيڪل ماڊل) ڪامياب قرار ڏنا ويا. تقريب جي پڄاڻيءَ تي هيڊ مسٽريس طوبيٰ ڪريم معزز مهمانن سان گڏ فاتح شاگردياڻين ۾ سرٽيفڪيٽ تقسيم ڪيا ۽ سندن ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. مهمانن پنهنجي تاثرات ۾ شاگردياڻين جي محنت، تخليقي سوچ ۽ اسڪول انتظاميه جي بهترين انتظامن جي واکاڻ ڪئي. پروگرام جي آخر ۾ بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ استادن کي پڻ شيلڊز ڏنيون ويون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڪراچي: گورنمينٽ اسڪول نبي باغ
0 تبصرے