English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي لاءِ لڳا اينداسين، خاموش نه ويهنداسين، خاموش نه ويهنداسين: اياز لطيف پليجو
217 views
|
10th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجو کي اوساڪا ۾ رھندڙ سنڌين پاران آجياڻو، کيس اجرڪون اوڍايون ويون
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي اوساڪا ۾ رھندڙ سنڌين آجياڻو ڏنو. کيس اجرڪون اوڍايون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي لاءِ لڳا اينداسين، خاموش نہ ويهنداسين. ھن وقت اقتدار جي ڪرسي تي پيپلزپارٽي آھي ان خلاف بيٺل آھيون، سڀاڻ ڪا ٻي پارٽي اچي سنڌ جو اھڙو حشر ڪندي تہ ان خلاف لڳا اينداسين، ھنن کان اڳ ۾ ضياء ۽ مشرف خلاف ھئاسين، اسان جو ڪم آھي سنڌ دشمنن خلاف جدوجھد ڪرڻ. اياز لطيف پليجي چيو تہ پنج يا ڏھ ڄڻا بزدل ۽ ڀاڙي لشڪر جي اڳواڻي ڪري ويٺا آهن تنھن ڪري لشڪر ڀاڙي ٿوري آهي ٻہ، ٽي وڏيرا، سردار، مرشد، جاگيردار حڪومت لاءِ اڳيان پويان پيا ڊوڙن. پاڻ ناشتي ۾ کائون بيضو، پٽاٽا ھي وري اسان جا دلبر پيپلا ناشتي ۾ کائين ڪروڙ، ٻنپهرن ۽ رات جو کائين ڪروڙ سنڌ جا اربين روپيا لٽي ۽ سنڌ جي ست ڪروڙ سنڌين کي تباھ ۽ برباد ڪري سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪري ڇڏيو اٿن. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جي سنڌ حڪومت پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي نوڪريون وڪرو ڪري ڇڏيون. روڊ، شھر، ذخيرا، پاڻي زمينون، وسيلا، جبل، ڪارونجهر، ڪينجهر، تاريخي ماڳ سنڌ جي ھر شئي ڀڳڙن مٺ تي وڪڻي ڇڏيون آهن. ھي سنڌ کي پنھنجي ذاتي ملڪيت ۽ جاگير سمجھن ٿا. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلزپارٽي جا حڪمران چون ٿا پيپلزپارٽي شھيدن جي پارٽي آهي تنھن ڪري اسان جي مرضي آهي ۽ سنڌ جا وارث بہ اسان آھيون. سنڌ جي تقديرن جا فيصلا اسان ڪنداسين. اياز لطيف پليجي چيو تہ اسان کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو لاءِ لک دفعا احترام آهي پر ھر شھيد اھم ۽ مقدس آھي. اياز لطيف پليجو کان وٺي ھر ليڊر ۽ شھيد کان بہ وڌيڪ سنڌ جي ڌرتي ۽ سنڌ جو وطن اھم ۽ مقدس آهي. سنڌ کي تين وال نہ ڪريو، سنڌ جو سودو نہ ڪيو، سنڌ کي ڀڳڙن مٺ تي نہ وڪرو ڪريو. ائين نہ ڪيو. جڏهن توهان سڀاڻي نہ ھجو توهان جي قبرن ۽ آخري آرام گاھن ڀرسان ڪنهن مٽ مائٽ جي قبر تي سنڌي اچي دعا گھرن، ان کي ٻڌائين ڀرسان فلاڻي جي قبر آهي، اوڏانهن منھن ڀڇڙو ڪري ان پاسي کان ھليو وڃي ۽ چوي ھتي فلاڻو ماڻهو دفن ٿيل جنهن سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو کي اوساڪا ۾ رھندڙ
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو کي اوساڪا
0 تبصرے