English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو جي 96هين ورسي سموري صوبي ۾ ملهائي وئي
4 views
|
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
رسول بخش پليجو سنڌ سميت پاڪستان جي مظلوم ماڻهن جو سگھارو آواز ھو: اڳواڻن جو خطاب
حيدرآباد /ڪراچي/ملير (رپورٽرز وٽان) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي عظيم مفڪر رسول بخش پليجو جي 96 ھين سالگرھ سڄي سنڌ ۾ ملھائي وئي. قومي عوامي تحريڪ سميت پارٽي مختلف براد محاذن سڄي سنڌ ۾ تقريبون ڪوٺائي رسول بخش پليجو جي سالگرھ جا ڪيڪ ڪاٽي کيس زبردست ڀيٽا پيش ڪئي.ان ڏس ۾ حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد جي صدر نظير بليدي، بابو ميمڻ، معشوق چانڊيو، راول سيال ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، عوامي پريس ملير ڪراچي ۾ قومي عوامي تحريڪ ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ، فرحان لاڙ، فياض اُتيرو، منان شيخ،سياسي سماجي اڳواڻ خدا ڏنو شاھ ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. قومي عوامي تحريڪ ٻنون پاران ڊڀو موري تي قومي عوامي تحريڪ جي ترجمان ازاشرف پليجو ، ڪيو اي ٽي ضلعي سجاول جي صدر پنھل سولنگي، ڪيو اي ٽي ضلعي جنرل سيڪريٽري زين سومرو ، چاچا علي محمد لاشاري، بولا خان ڌماچ، علي مدد سومرو، محرم ڌماچ، منور ڌماچ، شاھ، اعظم پليجو، الطاف لاشاري، فيصل ڌماچ، نظام ڌماچ، رفيق سومرو، اڪبر شورو، رشيد سومرو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. قومي لايرس فورم پاران مليربار ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو ،ايڊووڪيٽ مقصود سومرو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. قومي لايرس فورم بدين پاران قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ايڊووڪيٽ سانول گوپانگ ،سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻ سونهن گوپانگ، ايس يو پي جي مرڪزي نائب صدر امير حسن پنهور ۽ ٻين ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن بدين ۾ ڪيڪ ڪٽيو.ڳڙھي خيرو قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن علي گوھر جتوئي، جاويد جمالي حسين سنڌي، عرض محمد، اصغر جمالي ۽ٻين ڪيڪ ڪٽيو. سنڌي ھاري تحريڪ ڪيو اي ٽي پاران ميرواھ گورچاڻي لڳ ڳوٺ غلام محمد لغاري ۾ سنڌي ھاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڪرڙ رٻاڙي، رازو ڪولھي، مقصود ڀرڳڙي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. سيتا روڊ تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ سومار چانڊيو ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. شڪارپور ۾ قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر وزير گنھيو، زاھد گلو، ايڊووڪيٽ ظفر چنا ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي صدر فدا مھمداڻي، سجاد بروھي، شعيب ڊومڪي، ڊگھڙي ۾ قومي عوامي تحريڪ ضلعي مير پور خاص جي صدر شوڪت نوحاڻي، مجيد ٻگھيو، انور نوحاڻي، راجيش ڪمار، منير نوحاڻي، بابو نوحاڻي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو ٽنڊو الھيار ۾ عثمان لغاري، ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو. لاڙڪاڻو ۾ سڪندر لاشاري، اسلم سومرو، جميل ميمڻ، ٺل ۾ ايڊووڪيٽ روشن ڪنراڻي، ضلعي صدر فريد جعفري، اعجاز ڪنراڻي، وھاب ڪنراڻي، ڏھرڪي ۾ لطف ميان شر، تراب شر ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽي. سڪرنڊ ۾ رسول بخش لغاري، نادر لغاري، ڄام صاحب ۾ ابراھيم بگٽي، ضلعي صدر مير منگي ۽ ٻين ڪيڪ ڪاٽيو، مٽياري ۾ ماجد خاصخيلي،ظفر خاصخيلي، نعيم احمد، شھدادپور ۾ زبير ماڪوڙاڻي، محمود رخشاڻي، صدام کوسو، آتم ڀيل. مويا ۾ رمضان رند، حنيف باگراڻي، آڪاش رند، ميھڙ ۾ مير کوسو، منور جتوئي، جاويد چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن ڪيڪ ڪاٽي رسول بخش پليجو جي شخصيت تي ڳالھائي کيس لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو تہ رسول بخش پليجو سنڌ سميت پاڪستان جي مظلوم ماڻهن جو سگھارو آواز ھو سنڌو درياءَ جو وڪيل ھو سنڌ جي پاڻي جو ڪيس دليلن سان وڙھيو، ڪالاباغ ڊيم، قبلائيت دھشتگردي، ڪارو ڪاري خلاف شاندار جدوجھدون ۽ تاريخي لانگ مارچون ڪيون رسول بخش پليجو جون سنڌ لاءِ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگجھن. عوامي تحريڪ عوامي ملير طرفان سنڌ جي عظيم انقلابي اڳواڻ رسول بخش پليجو جي 96 هين سالگرهه عوامي پريس ڪلب ملير ۾ انتهائي جوش، جذبي ۽ انقلابي نعريبازي سان ملهائي وئي۔ تقريب ۾ مرڪزي، ضلعي ۽ مڪاني اڳواڻن سميت ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ چيو ته رسول بخش پليجو سياسي اڳواڻ نه، پر سنڌ جي قومي ضمير جي آواز هو۔ هن چيو ته پليجو صاحب آمريت، استحصال ۽ سرمائيدار نظام خلاف بيباڪ جدوجهد ڪئي ۽ سنڌ جي وسيلن، ٻولي، ثقافت ۽ عوامي حقن لاءِ آخري دم تائين بيٺو رهيو۔ هن وڌيڪ چيو ته رسول بخش پليجو جو فڪر اڄ به نوجوانن لاءِ مشعلِ راهه آهي۔ڪراچي ڊويزن جي صدر اشفاق چنڙ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته رسول بخش پليجو سنڌ جي تاريخ جو اهو ڪردار آهي، جنهن قوم کي سوچڻ، سوال ڪرڻ ۽ حق لاءِ اٿڻ سيکاريو۔ هن چيو ته پليجو صاحب جي سياست اقتدار لاءِ نه پر عوام جي نجات لاءِ هئي، ۽ قومي عوامي تحريڪ سندس مشن کي اڳتي وڌائيندي رهندي سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ چيو ته پليجي صاحب ڪراچي ديهي حقوق ڪميٽي جو بنياد وجهي ڪراچي جي اصلوڪن رهواسين جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ جدوجهد جو بنياد وڌو رسول بخش پليجي صاحب جون سياسي توڙي علمي خدمتون تاريخ جو حصو آھن قومي عوامي تحريڪ ملير جي صدر جنسار هيسباڻي چيو ته رسول بخش پليجو مظلوم، هارين، مزدورن ۽ ماهيگيرن جو سچو ترجمان هو۔ هن چيو ته پليجو صاحب سنڌ جي هر ڳوٺ، هر واهه ۽ هر ساحلي پٽي سان جڙيل هو ۽ هن هميشه عوامي مسئلن کي پنهنجي جدوجهد جو مرڪز بڻايو۔ ان موقعي تي اڳواڻ منان شيخ خطاب ڪندي چيو ته رسول بخش پليجو نوجوان سياستدانن لاءِ هڪ اسڪول جي حيثيت رکي ٿو۔ هن چيو ته پليجو صاحب پنهنجي فڪر، لکڻين ۽ جدوجهد ذريعي سنڌ جي قومي سياست کي نئون رخ ڏنو، جنهن کي وسارڻ ناممڪن آهي تقريب دوران اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان انقلابي نعرا هنيا ويا، سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ رسول بخش پليجو جي تصويرن تي گلن جي ورکا ڪئي وئي آخر ۾ اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته رسول بخش پليجو جي فڪري، سياسي ۽ عوامي جدوجهد کي هر حال ۾ جاري رکيو ويندو ۽ سنڌ جي حقن تان ڪڏهن به سوديبازي نه ڪئي ويندي ان موقعي تي ناهيد جوڳي، فياض اتيرو، هري رام سنڌي، سامي ميمڻ ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Jan 2026
•
تازہ ترین
بلدیا سانحہ کا ذکر کیوں نہیں کیا؟ قادر پٹیل نے ایم کیو ایم کی بولتی بند کردی
20th Jan 2026
•
تازہ ترین
گل پلازا سانحہ: ایم کیو ایم دوبارہ نئے صوبوں کا راگ الاپنے لگی
20th Jan 2026
•
تازہ ترین
آگ پر سیاست نہیں کرنی چاہیے، سندھ واحد صوبہ ہے جس نے کھلے دل سے مہاجرین کا استقبال کیا: شہلا رضا
20th Jan 2026
•
تازہ ترین
بڑی عمارتوں میں مؤثر انتظامات ناگزیر ہیں: شرجیل میمن
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
نصيرآباد جي مين پرائمري اسڪول مان ٿيل چوري خلاف احتجاجي ريلي ۽ ڌرڻو
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
باقراڻي: ڳوٺ مهوال خان بابلاڻي جتوئي جي اسڪول جي عمارت زبون حال
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ميهڙ ۾ ٻن اسڪولن جي زبون حال عمارتن جا چاپڙ ڪِرڻ سبب ٻارڙن ۾ ڀاڄ
20th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سڪرنڊ وٽنري يونيورسٽي جي شاگردن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رسول بخش پليجو سنڌ سميت
سنڌ جي ڏاهي رسول بخش پليجو
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ
0 تبصرے