پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ، سيد سڪندر علي شاھ، ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو ۽ ٻيا شريڪ
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ناري پٽ جي نرالي ۽ سينيئر سياستدان اڳوڻي ايم پي اي مرحوم سيد علي مردان شاھ جي 6 ھين ورسي ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ ملھائي ويئي، سياسي سماجي حلقن جي وڏي انگ ۾ شرڪت. خبر موجب ناري پٽ جي نرالي ۽ سينيئر سياستدان اڳوڻي پ پ ايم پي اي مرحوم سيد علي مردان شاھ جي 6 ھين ورسي عمرڪوٽ ڀرسان ڳوٺ کاروڙو سيد ۾ ملھائي ويئي ورسي ۾ مرحوم سيد علي مردان شاھ جي فرزند پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ، سيد سڪندر علي شاھ، پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو، ضلعي چيئرمين حاجي بقا پلي، ضلعي ڪائونسل عمرڪوٽ جي وائس چيئرمين ميان خالد ولھاري، پ پ اڳواڻ برھان الدين ڪنڀر، پ پ ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر گھنشام داس راٺوڙ، صوفي نواز سومرو، فقير غلام محمد مھر، سينيئر صحافي رسول بخش رحمداڻي، محمد علي ناڳوري، غلام اڪبر درس، حاجي الله بچايو کوسو، شوڪت اڌيپوري، چاڪر خان مري، راجا رامچند مالھي، عبدالله کوسو، ڪانجي مل ميگھواڙ ،عاشق علي ،ممتاز علي خاصخيلي، رضوان علي خاصخيلي سميت ٻين سياسي سماجي حلقن شھر جي معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ورسي جي موقعي تي درگاهه کاروڙو سيد ۾ پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ ۽ سيد سڪندر علي شاھ سميت ٻين مرحوم سيد علي مردان شاھ جي مزار تي گلن جي چادر چاڙھي ويئي پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاهه چيو ته هو پنهنجي والد مرحوم جي نقش قدم تي هلندي سياست کي عبادت سمجهي عوام جي بي لوث خدمت جاري رکندو، هن چيو ته سياست کيس ورثي ۾ ملي آهي ۽ هو ان امانت کي ايمانداري، محنت ۽ عوامي خدمت وسيلي نڀائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي، نامياري سياسي ۽ سماجي شخصيت سيد سڪندر علي شاهه چيو ته مرحوم حاجي سيد علي مردان شاهه رڳو سياستدان نه پر عوام جو سچو خيرخواهه ۽ ڪمزور طبقي جو محافظ هو، اڄ سندس ورسي تي ماڻهن جو وڏو ميڙ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته سائين سان ماڻهن جو ناتو رڳو سياست جو نه، پر محبت ۽ عقيدت جو هو ورسي کان پوءِ کاروڙو سيد امير علي شاهه هائوس تي آيل معززن ۽ عوام سان ملاقاتون ڪيون ويون، جتي مرحوم جي خدمتن کي ڀرپور خراجِ تحسين پيش ڪيو ويو
0 تبصرے