محمد اطهر آخري رابطو ۾ ٻڌايو هو ته باهه گل پلازه ۾ باهه لڳي آهي ۽ ڪجهه به نظر نٿو اچي: وارث
سکر(بيورو)سکر جو رهواسي محمد اطهر، جيڪو گل پلازا شاپنگ لاءِ ويو هو، باهه لڳڻ دوران گم ٿي ويو. ان حوالي سان وارثن چيو تھ محمد اطهر سان آخري ڀيرو گهر جي عورتن ڪالهه شام فون تي ڳالهايو، محمد اطهر چيو ته هتي باهه لڳي آهي، ڪجهه به نظر نٿو اچي، اسان جي ڀلائي لاءِ دعا ڪريو. محمد اطهر اڃا تائين نه مليو آهي، فون پڻ بند آهي، حڪومت کي محمد اطهر کي ڳولڻ جي اپيل آهي. محمد اطهر 4 ٻارن جو پيءُ آهي، سندس زال، ٻار ۽ خاندان غم ۾ ٻڏل آهن.
0 تبصرے