ڍورونارو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن مان سامان چوري، ڪيترائي ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏي ويا

ڍورونارو ۾ بجلي جي ٽرانسفارمرن مان سامان چوري، ڪيترائي ڳوٺ اوندهه ۾ ٻڏي ويا

عمرڪوٽ (ڊ ر)عمرڪوٽ جي علائقي ڍورونارو ۾ نامعلوم چورن بجلي جي ٽرانسفارمرن کي نشانو بڻائيندي ڳوٺ ستار ملاح ۽ مانجهي منگريو ۾ لڳل ٽرانسفارمرن جو قيمتي اندروني سامان چوري ڪري ورتو آهي، چوري جي هن واقعي کان پوءِ علائقي جا ڪيترائي ڳوٺ بجلي کان محروم ٿي ويا آهن، جنهن سبب روزمرهه جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي، علائقي واسي ٻڌائن ٿا ته ٽرانسفارمرن مان اهم سامان ڪڍي وڃڻ سبب بجلي جي فراهمي مڪمل طور بند ٿي وئي آهي، جنھن سبب ماڻهون سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن، مقامي ماڻهن جو چوڻ آهي ته واقعي جي اطلاع حيسڪو انتظاميه کي ڏئي ڇڏي آهي، پر اڃان تائين بجلي بحالي لاءِ ڪو به عملي قدم ناهن کنيا ويا، متاثر ڳوٺن جي رهواسين حيسڪو عملدارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور ٽرانسفارمرن جي مرمت يا متبادل بندوبست ڪري بجلي بحال ڪئي وڃي ۽ چوري ۾ ملوث عنصرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن جلد بجلي بحال نه ڪئي وئي ته هو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيندا.