English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ پورهيت جي مبينا اغوا خلاف جسقم جي ريلي
188 views
|
13th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
جسقم پاران حسين بخش دشتي، مختيار سومرو، فياض جتوئي، سعيد مري جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ قائم خانگي ڪمپني ريجا فيشن جي انتظاميا طرفان پورهيت احسان دستي کي نوڪري تان هٽائڻ بعد ملازمت جي بحالي لاءِ احتجاج ڪرڻ تي ڪمپني جي جنرل مينيجر پاران تشدد ڪري مبينا طور اغوا ڪري گم ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) ملير پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.احتجاجي ريلي متاثر پورهيت جي والد حسين بخش دشتي، جسقم ملير جي صدر مختيار سومرو، فياض جتوئي، سعيد مري سميت ٻين اڳواڻن جي اڳواڻي ۾ رزاق آباد جي مک چوڪ کان شروع ٿي، جيڪا مختلف رستن تان ٿيندي عوامي پريس ڪلب ملير پهتي، جتي ڌرڻو هنيو ويو.ريلي ۽ ڌرڻي دوران شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن ۽ پورهيتن خانگي ڪمپني رجا فيشن جي جنرل مينيجر شير افضل خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ پورهيت دشمن پاليسين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پورهيت احسان دستي پنهنجي حقن لاءِ آواز اٿاريو، جنهن جي سزا طور مٿس تشدد ڪيو ويو ۽ کيس زبردستي اغوا ڪري گم ڪيوويوآهي ان سلسلي وارثن پوليس ٿاڻي پهچي ڪيس داخل ڪرڻ جي درخواست پر پوليس ڪيس داخل نه ڪيو هنن چيو ته ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ پورهيتن سان غلامن جهڙو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، جتي نه مزدور قانونن تي عمل ٿئي ٿو ۽ نه ئي پورهيتن کي تحفظ ڏنو وڃي ٿو.رجا فيشن جي انتظاميا قانون کان مٿانهون بڻيل آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن فوري طور پورهيت احسان دستي کي بازياب ڪرائي، ذميوار جنرل مينيجر شير افضل ۽ ٻين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ۽ پورهيت کي نوڪري تي بحال نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.هنن مطالبو ڪيو ته پورهيت احسان دستي کي ترت بازياب ڪرايو وڃي تشدد ۽ مبينا اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي پورهيت کي بنا شرط نوڪري تي بحال ڪيو وڃي ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون ۾ پورهيتن جي حقن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ۾ ايڪسپورٽ پروسيسنگ زون
0 تبصرے