سجاول پوليس جي منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي، 8 ڄڻا گرفتار

گرفتار ٿيلن ۾ اصغر ميربحر، غفار پارهيڙي، ممتاز پارهيڙي، ستار عرف ستاري ميربحر ۽ ٻيا شامل

سجاول پوليس جي منشيات فروشن ۽ ڏوهارين خلاف ڪارروائي، 8 ڄڻا گرفتار

سجاول(رپورٽر)ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي ضلع جي مختلف ٿاڻن تي منشيات. گھٽڪا فروشن خلاف ڪارواين جو سلسلو جاري. هڪ ديسي شراب جي بٺي مسمار هڪ گھٽڪي جي ڀٺي مسمار ۽ ٻين ڪارواين ۾ وڏي تعداد ۾ گھٽڪو. ديسي شراب ۽ موٽرسائيڪل هٿ 8 ڏوهاري گرفتار 5 ڏوهاري فرار. تفصيل موجب. ايس ايڇ او سجاول مير محمد گاڏهي مخفي اطلاع تي سجاول سٽي جي حق آباد ڪالوني ۾ ڪارروائي. پوليس ڪاروائي جي نتيجي ۾ هڪ ڏوهاري اصغر ميربحر گرفتار جڏهن ته 3 ڏوهاري غفار پارهيڙي. ممتاز پارهيڙي ۽ ستار عرف ستاري ميربحر فرار ٿي ويا. 35 ليٽر ديسي شراب هڪ بغير نمبر پليٽ موٽر سائيڪل ۽ بٺي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او جھوڪ ديدار علي بروهي جي انٽيليجنس بيس ڪامياب ڪارروائي جھوڪ سٽي ۾ ڏوهاري فريد عرف بيدار ميمڻ کي گدام تي پوليس جو ڇا پو 4 ڏوهاري گرفتار 2 فرار. گرفتار ڏوهارين ۾ علي محمد سميجو. بابر علي کٽي سلطان ٻاگهل. شامل آهن گھٽڪي بٺي مالڪ فريد عرف بيدار ميمڻ سميت 2 ڏوهاري فرار 2000 تيار ٿيل گھٽڪا ۽ 40 ڪلو گرام گھٽڪو مٽيريل ۽ ٻيو گھٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان پوليس هٿ ڪري ڏوهارين جي خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ايس ايڇ او جاتي منير احمد هڪڙو جا ٿاڻي جي حد ۾ مختلف جاين تي 2 جدا جدا ڪارواين ۾ هڪ گھٽڪا فروش علي اصغر ٿھيم 500 پڙيون گھٽڪو ۽ 2 منشيات فروش سليم ٻارڻ امين ٻارڻ کي 20 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ڏوهارين خلاف جدا جدا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. پوليس موجب گھٽڪو. منشيات ۽ ڏوهن خلاف ڪاروايون جاري رهنديون