ملير ۾ حضرت امام علي عه جي ولادت جي سلسلي ۾ جشنِ مولود ڪعبه منعقد

الغدير فائونڊيشن جي چيئرمين علامه سيد اصغر علي نقوي، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ ۽ ٻيا شريڪ

ملير ۾ حضرت امام علي عه جي ولادت جي سلسلي ۾ جشنِ مولود ڪعبه منعقد

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) انجمن غلامانِ آلِ عمران ع پاران حضرت امام علي عليه السلام جي ولادت باسعادت جي سلسلي ۾ جشنِ مولود ڪعبه منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ الغدير فائونڊيشن جي چيئرمين علامه سيد اصغر علي نقوي، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاھ ، سيد هارون شاھ، فيض سنڌي، شيراز سولنگي، ڪامريڊ وهاب گبول سميت سوين مومنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي ملير جي مختلف علائقن مان آيل مولا جي ذاڪرن منقبت پڙهي مولا جي بارگاھ ۾ عقيدت جا گُل نڇاور ڪيا جشن کي خطاب ڪندي علامه سيد اصغر علي نقوي چيو ته حضرت علي عليه السلام جي ڪعبي ۾ ولادت انسانيت جي تاريخ ۾ هڪ انوکو اعزاز آهي مولا علي عليه السلام جي شخصيت علم، انصاف، جرئت ۽ تقويٰ جو هڪ جامع مثال آهي هن وڌيڪ چيو ته نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم فرمايو ته مولا علي عليه السلام کي مون سان اها ئي نسبت حاصل آهي، جيڪا حضرت موسيٰ عليه السلام کي حضرت هارون عليه السلام سان هئي، البت مون کان پوءِ ڪو نبي نه ايندو آئون ۽ علي ٻن آڱرين وانگر ويجها آهيون، علي مون مان آهن ۽ آئون علي مان آهيان ھن چيو ته مولا علي عليه السلام جي زندگي اسان لاءِ قيادت، قرباني ۽ حق تي ثابت قدمي جو عملي سبق آهي اڄ اسان کي سندس تعليمات تي عمل ڪندي سماج ۾ انصاف، اتحاد ۽ ولايت جي روشني پکيڙڻ جي ضرورت آهي ان موقعي تي انجمن غلامانِ آلِ عمران جي اڳواڻن سيد عنايت علي شاھ ،سيد سجاد علي شاھ، سيد اعجاز علي شاھ ۽ ٻين پاران مولا علي (ع) جي ولادت جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ مومنن ۾ نياز نگر ورهايو ويو.