English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير م سنڌي ادبي سنگت پاران قومي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي جي جنم ڏينھن تي ادبي تقريب منعقد
49 views
|
04th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
سيد غفور شاھ تقوي سنڌي ادب جو هڪ معتبر ۽ منفرد نالو آهي: مقرر
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير طرفان قومي رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي جي جنم ڏينھن جي موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير ۾ هڪ شاندار ادبي تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاعرن، اديبن، صحافين ۽ ادب دوستن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب ۾ سنڌي ادبي سنگت ڪراچي جي رابطا سيڪريٽري راشد لکمير، سنڌي ادبي سنگت ملير جي سيڪريٽري اصغر مھرائي، گلشن حديد شاخ جي سيڪريٽري عرفان عباسي، اصغر باغي، وحيد محسن، امرتا ڏاھري، قمبر ٻٽ، سڪندر سرواڻ، مجيب سنڌي، عبدالغفار عبد، عبدالمجيد عاصم، نبيل رند، جي ايم ٿھيم، نواز ڪلمتي، حنيف گلڙي، عبدالخالق ڀٽي امداد لاشاري، قادر سمون، محمد ٻارڻ، امتياز دانش، اقبال شاھين، ڊاڪٽر فيض جوڻيجو شيراز سولنگي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر جمشيد زهراڻي، جنرل سيڪريٽري سيد عنايت علي شاھ سميت ٻين نامور شخصيتن شرڪت ڪئي مقررن مقالا پيش ڪندي چيو ته سيد غفور شاھ تقوي سنڌي ادب جو هڪ معتبر ۽ منفرد نالو آهي. سندس شاعري ۾ فڪر جي گهرائي، فني پختگي ۽ لهجي جي سچائي سان گڏ شاهه لطيف جي شاعري جو گهرو اثر نمايان نظر اچي ٿو. سندن تخليقن ۾ ڌرتيءَ سان محبت، قوم سان وفاداري، ٻوليءَ جو مان، وسيلن جي وارثي، ننگن دنگن جي حفاظت، پورهيت جي پگهر جي اهميت ۽ محبوب جي نازڪ احساسن جو ڀرپور اظهار ملي ٿو. مقررین جو چوڻ هو ته غفور شاھ تقوي قومي رومانوي جذبن کي نهايت سادي پر سگهاري لهجي سان پيش ڪرڻ جو فن ڄاڻي ٿو، جڏهن ته عاجزي، انڪساري ۽ سادگي سندس شخصيت جا نمايان پهلو آهن تقريب کي خطاب ڪندي سيد غفور شاھ تقوي چيو ته هو سنڌي ادبي سنگت ملير جي سٿ ۽ انهن دوستن جو ٿورائتو آهي جن مٿس مقالا لکي اخبارن ۾ ڇپرايا ۽ سندس حوصلا افزائي ڪئي. هن چيو ته هو پورهيت گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، فطرت جي رنگن کي ويجهڙائي سان ڏٺو آهي، وڻجارو ٿي زندگي جا ڪيترائي سال سمنڊ سيو آهي، وڏن سان گڏ کيٽ کيڙيا ۽ مال ميڙيا آهن. اسٽيل مل ۾ پورهيت طور خدمتون سرانجام ڏيندي پورهيتن جي ڏکن ۽ تڪليفن جو ويجهو مشاهدو ڪيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته لطيف سائين جي شاعري جا جيڪي ڪردار آهن، انهن کي هن اکين سان ڏٺو ۽ محسوس ڪيو آهي، ۽ انهن سڀني مشاهدن کي سهيڙي جيڪو ادبي پورهيت ڪيو اٿم، اهو اوهان جي سامهون آهي. آخر ۾ هن عزم ظاهر ڪيو ته جيسين تائين ساھ آهي، تيستائين منهنجو قلم خاموش نه ٿيندو تقريب ۾ سيد غفور شاھ کي اجرڪن گلن جا تحفا پيش ڪيا ويا تقريب ۾ قومي راڳي عبدالخالق ڀٽي گيت پيش ڪري محفل کي چار چند لڳائي ڇڏيا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
06th Jan 2026
•
تازہ ترین
وینزویلا پر حملے کا کوئی جواز نہیں تھا، اگر امریکہ انسان دوست ہے تو نیتن یاہو پر مقدمہ چلائے: خواجہ آصف
06th Jan 2026
•
تازہ ترین
پاکستان اور بنگلہ دیشی فوج کے درمیان دفاعی تعاون کو مضبوط بنانے پر اتفاق
06th Jan 2026
•
تازہ ترین
پختونخوا میں دہشت گردوں کو سازگار سیاسی ماحول فراہم کیا جا رہا ہے: پاک فوج کے ترجمان
06th Jan 2026
•
سندھ
ہزاری وال قوم کو اپنی الگ شناخت مل چکی ہے: لیلیٰ سواتی
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
اياز لطيف پليجي پاران پيرو لاشاري ڀرسان نوجوان ڪيلاش ڪولھي جي قتل جي مذمت
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: لنڪ روڊ تي ڳوٺاڻن جي رابطي لاءِ پلين جي تعمير جو مطالبو پورو
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ سٽي جي مين مارڪيٽ ۾ چورين جو سلسلو رڪجي نه سگهيو، واپاري خوف ۾ ورتل
06th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
رزاق آباد واسي پورهيت جو پٽ ۽ ڀاڻيجو مبينا طور اغوا، گجو پوليس چوڪي جي اهلڪارن تي الزام
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي ۽ رومانوي شاعر سيد غفور شاھ تقوي
ملير م سنڌي ادبي سنگت
0 تبصرے