عمرڪوٽ ضلعي ۾ بٺي جي مزدورن جي ٻارن لاءِ پهرين اسڪول جو افتتاح

اسڪول جو افتتاح سماجي ترقي جي ماهر عرفان راجپوت، زبير شاهه ۽ اظهر حسين ڪيو

عمرڪوٽ ضلعي ۾ بٺي جي مزدورن جي ٻارن لاءِ پهرين اسڪول جو افتتاح

عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ضلعي ۾ بٺي جي مزدورن جي ٻارن لاءِ پهريون ڀيرو قائم ڪيل اسڪول نئين سال جي موقعي تي افتتاح ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح سماجي ترقي جي ماهر عرفان راجپوت، زبير شاهه ۽ اظهر حسين ڪيو هي اسڪول اوئير پاران مسلم چيئرٽي جي سهڪار سان قائم ڪيو ويو آهي، جتي هن وقت 108 ٻار تعليم حاصل ڪري رهيا آهن تقريب کي خطاب ڪندي عرفان راجپوت چيو ته بٺي جا مزدور سماج جو انتهائي نظرانداز ڪيل ۽ مظلوم طبقو آهن ۽ سندن ٻار پنهنجي ڪم واري هنڌ ويجهو تعليم کان محروم رهيا آهن. هن چيو ته هي قدم هڪ وڏي تعليمي کوٽ کي پورو ڪري ٿو، جيڪو مسلم چيئرٽي جي تعاون سان ممڪن بڻيو آهي زبير شاهه چيو ته تعليم غربت جي دائري کي ٽوڙڻ جو واحد اثرائتو ذريعو آهي، ۽ هن اسڪول جي قيام سان ڪيترن ئي خاندانن لاءِ نئين شروعات ٿي آهي، ڇو ته لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو ٻار پنهنجي خاندان ۾ پهريون ڀيرو رسمي تعليم حاصل ڪري رهيا آهن اظهر حسين پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته، تعليم ڪا سهولت نه پر بنيادي حق آهي. هن مزدور طبقي جي ٻارن لاءِ ضلعي ۾ پهريون اهڙو ادارو قائم ٿيڻ سماجي انصاف ڏانهن اهم قدم آهي، جنهن کي جاري رکڻ ۽ وڌائڻ گهرجي مقامي تعليمدان مڪيش ڪمار اوڏ چيو ته بٺيءَ جي مزدورن جي برادري معاشي مجبورين ۽ ويجهو اسڪول جي اڻهوند سبب پنهنجن ٻارن کي تعليم ڏياري نه سگهي. هن مسلم چيئرٽي ۽ اوئير جو شڪريو ادا ڪيو، جن ضلعي ۾ بٺيءَ جي مزدورن جي ٻارن لاءِ پهريون وقف ٿيل تعليمي ادارو قائم ڪيو تقريب دوران علي اڪبر راهمون، نند لال اوڏ ۽ ٻين به پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو مسلم چيئرٽي جي وفد پاران ٻارن سان تعارفي سيشن پڻ ڪيو ويو، جنهن جو مقصد گهٽ تعليمي تجربو رکندڙ ٻارن ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ هو