عمرڪوٽ ۾ حضرت علي عليه السلام جن جي ولادت جو جشن ملهايو ويو

حضرت اميرالمؤمنين، شيرِ خدا، مولا علي عه جي ولادت واري تقريب ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن جي شرڪت

عمرڪوٽ ۾ حضرت علي عليه السلام جن جي ولادت جو جشن ملهايو ويو

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) خاصخيلي چوڪ، عمرڪوٽ تي حضرت اميرالمؤمنين، شيرِ خدا، مولا عليؑ جي ولادت باسعادت جي موقعي تي شاندار ۽ پروقار جشن منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سني، شيعه ۽ ٻين مڪاتبِ فڪر ۽ مذهب سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جشن دوران فضا نعرءِ حيدري "يا عليؑ، علي عليؑ" جي نعرن سان گونجي اُٿي، جشنِ ولادت جي موقعي تي عزادارنِ حسين نوجوان خاصخيلي برادران پاران آتشبازي جو انتظام ڪيو ويو، جنهن سبب علائقي ۾ خوشي ۽ روحاني مسرت جي فضا پيدا ٿي، ان موقعي تي چڪوال پنجاب کان آيل نامور ذاڪرِ اهلِ بيت سيد حسن رضا زيدي خطاب ڪندي چيو ته دنيا جي وڏن وڏن شهرن ۾ ماڻهون نئين سال جي آمد جو جشن ملهائي رهيا آهن، پر اسان سڀنيءَ کان وڌيڪَ خوش نصيب آهيون جو نئين سال جي شروعات مشڪل ڪشا حضرت مولا عليؑ جي ولادت سان ڪري رهيا آهيون، هن چيو ته مولا عليؑ جي فضيلت، علم، بهادري، دانائي ۽ تقويٰ اهي صفتون آهن جيڪي ڪنهن ٻئي کي نصيب نه ٿيون، مولا عليؑ واحد هستي آهن جن جي ولادت ڪعبه ۾ ٿي، جنهن جا دروازا خاص طور تي کوليا ويا، اهو ڪو عام واقعو نه آهي، پر الله تعاليٰ جي طرفان وڏي نصرت ۽ امتياز آهي، سيد حسن رضا زيدي وڌيڪَ چيو ته اڄ دنيا سخت مشڪلاتن جو شڪار آهي ڇاڪاڻ ته اسان حق کي سڃاڻڻ ۾ ناڪام ٿي ويا آهيون، جيڪڏهن اسان مولا عليؑ جي ڪردار، عدل ۽ حق پسندي کي سمجھي وٺون ھا ته اڄ امت اهڙي حالت ۾ نه پهچي ھا، حق جي سڃاڻپ لاءِ ڪربلا کي سمجهڻ ۽ مولا عليؑ جي ولايت کي اپنائڻ ضروري آهي، ان موقعي تي علامه ارشاد علي عرفاني پڻ خطاب ڪيو، جڏهن ته ڪراچي مان آيل معروف قصيده و نعت خوان اسد عباس، اقبال فقير ۽ ٻين ذاڪرن و شاعرن قصائد ۽ منقبتون پيش ڪيون، مقررين چيو ته جشنِ ولادتِ مولا عليؑ جي موقعي تي سنڌ ۾ برسات جو ٿيڻ ان ڳالهه جي علامت آهي ته قدرت پڻ هن خوشي ۾ شامل آهي، ان کان پوءِ هڪ عظيم الشان ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن ۾ علامه ارشاد عرفاني، سيد حسن رضا زيدي، رسول بخش رحيمداڻي، ملير خاصخيلي، اسد علي ڀرڳڙي، سالار حيدر سمون، عزادارنِ حسين نوجوان خاصخيلي برادران، سيد عباس علي شاهه، سيد تنوير علي شاهه، غلام علي ۽ ٻين معزز شخصيتن شرڪت ڪئي، آخر ۾ ملڪ پاڪستان جي سلامتي، پاڪستان فوج جي ڪاميابي، قوم جي اتحاد ۽ امن، ۽ حاليه دهشتگردي جي واقعن خلاف خاص دعائون ڪيون ويون ۽ دهشتگردي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ لنگر ۽ نياز ورهايو ويو، جشن جي آخر تائين فضا نعرءِ حيدري "يا عليؑ، مولا عليؑ زنده باد، اهلِ بيتؑ زنده باد" جي نعرن سان گونجندي رهي.