ٺٽو ( محمد شفيق ڀٽي)مڪلي ايس آر ٽي سي ڪالوني جي رهائشي پورهيت مشتاق احمد قريشي عوامي پريس ڪلب ٺٽو ۾ دانهه ڪندي چيو آهي ته تقريباً ٻه هفتا اڳ جڏهن هو ڪم تي وڃڻ لاءِ رستي تان گذري رهيو هو، تڏهن گلاب خان عرف گڙٻڙ پٺاڻ نالي شخص کيس روڪي تلاشي وٺڻ جو مطالبو ڪيو، جنهن کان انڪار ڪرڻ تي مذڪوره شخص مبينا طور کيس ڇري سان حملو ڪري سخت زخمي ڪيو.مشتاق قريشي جو چوڻ هو ته واقعي ۾ کيس نڪ جي هڏي ۽ سيني تي ڌڪ لڳا، جنهن جو ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ به موجود آهي، پر ان باوجود مڪلي پوليس جوابدار کي گرفتار نه پئي ڪري. هن وڌيڪ الزام لڳايو ته پوليس اهلڪار عرفان پٺاڻ، جيڪو جوابدار جو ويجهو عزيز آهي، کيس ڪيس واپس وٺڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي.متاثر شخص ايس ايس پي ٺٽو کان فوري نوٽيس وٺڻ، جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ پاڻ کي تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي۔
0 تبصرے