English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ڀرسان ڪوهستاني علائقي ۾ گيسٽرو وبا جي صورت اختيار ڪري ورتي
122 views
|
29th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ايم اين اي ڄام عبدالڪريم بجار جوکيو پاران گيسٽرو سبب ٿيل فوتگين تي ڏک جو اظهار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير ڪوهستاني علائقي جي گوٺ فيض محمد برفت، يونين ڪائونسل مول ۾ گيسٽرو جي وبا سبب ٿيل فوتگين تي قومي اسيمبلي ميمبر سردار جام عبدالڪريم بجار جوکيو گهري ڏک، افسوس ۽ همدردي جو اظهار ڪيو آهي سردار جام عبدالڪريم چيو ته هي افسوسناڪ واقعو سموري علائقي لاءِ وڏي صدمه جو سبب بڻيو آهي، ۽ اسان متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي هدايت تي ميڊيڪل ٽيمون ۽ ايمبولينس سروسون اڳ ئي علائقي ۾ موجود آهن، جيڪي متاثر ماڻهن کي فوري امداد ۽ علاج جون سهولتون فراهم ڪري رهيون آهن، جڏهن ته وبا تي مڪمل ضابطو آڻڻ لاءِ وڌيڪ قدم به کنيا پيا وڃن ايم اين اي ڄام عبدالڪريم بجار جوکيو چيو ته هي وبا چاھي ضلعو ڄامشورو ۾ هجي يا ضلعو ملير ۾، اسان سڀ گڏجي هڪ ٽيم وانگر ڪم ڪنداسين ۽ ان وبا جو خاتمو يقيني بڻائينداسين۔ آخر ۾ هن علائقي جي عوام ۽ سماجي ڪارڪنن کي اپيل ڪئي ته هو ميڊيڪل ٽيم سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ متاثر خاندانن سان گڏ بيهن، جيئن گڏيل ڪوششن سان هي وبا جلدي ختم ڪري سگهجي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
تازہ ترین
علیم خان نے نئے صوبوں کے لیے تحریک چلانے کا اشارہ دے دیا
11th Jan 2026
•
دنیا
امریکا اور اسرائیل انتشار پھیلا رہے ہیں، عوام متحد رہے: ایرانی صدر
11th Jan 2026
•
پاکستان
ہم صومالیہ کی سلامتی کی حمایت کرتے ہیں، اسرائیلی اقدامات امن کے لیے خطرہ ہیں: اسحاق ڈار
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو پوليس پاران هڪ ڏوهاري ڪيهر عرف ڪيهو جتوئي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ
11th Jan 2026
•
سندھ
کراچی: جے ایس اسکول میں تعلیم کے ساتھ تخلیق، تحقیق اور فنونِ لطیفہ کی آبیاری
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ سماجي تنظيم ايس آر ويلفيئر آرگنائزيشن طرفان فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي
11th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
هڱورجا: گسٽا سنڌ جي اڳوڻي صدر الهرکيو خاصخيلي جي وڇوڙي تي تعزيت جاري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير ڀرسان ڪوهستاني علائقي ۾
0 تبصرے