مورو ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل پورهيت جي وارثن جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

موچڪو ڪم ڪندڙ مانگهي سوچي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ٿيل فائرنگ ۾ زخمي ٿيو: وارث

مورو ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيل پورهيت جي وارثن جو ٽائر ساڙي ڌرڻو

مورو (جاني جماڻي)مورو شھر جي ٻانڌي روڊ تي ھڪ ھفتو اڳ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿيندڙ جوتا ڳنڍيندڙ مانگھي سوچي کي انصاف ۽ علاج جي سھولت نہ ملڻ تي وارثن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري مورو پريس ڪلب اڳيان ٽائرن کي باھيون ڏئي ڌرڻو ھنيو ويو جنھن جي اڳواڻي لال چند، گلو، ڪنيو، واڌو، صدوري، شھرڪي، مينڪي، لالجي، شاعر سوچي ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ھنن چيو تہ ٻانڌي روڊ ٻن ڄڻن جي جھيڙي ۾ ھڪ طرفان فائرنگ ڪرڻ تي اسان جي پيرسن محنت ڪش پورھيت مانگھي سوچي کي گولي لڳي جيڪو زخمي ٿيو آھي. جنھن جي علاج لاءِ لکيل رپيا گھر ڪيا پيا وڃن اسان غريب مسڪين آھيون ايترا پئسا ناھن جو علاج ڪرايون ٻيو اسان جي ڪير به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناھي.اسان وس وارن ڌرين کي اپيل ڪريون ٿا ته مذڪورا معاملي جو ڪيس داخل آھي انھن ملوث جوابدار کي سوگھو ڪري انصاف ڪيو وڃي ۽ علاج لاءِ مدد ڪئي وڃي ٻي صورت احتجاج وڌايو ويندو. ھوڏانھن مورو پوليس جو چوڻ آهي تہ جوابدار گھر خالي ڪري فرار ٿي ويو آھي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن جلد جوابدار کي سوگھو ڪري انصاف تحفظ فراهم ڪيو ويندو.