English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: عوامي پريس ڪلب ۾ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو پروگرام منعقد
views
|
26th Oct 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)پاڪستان پيپلز پارٽي جي شاگرد ونگ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن (PSF) ملير ضلعي پاران ڪارڪنن جي سياسي شعور ۽ تربيت لاءِ هڪ اهم اسٽڊي سرڪل پروگرام عوامي پريس ڪلب ملير ۾ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ نوجوان ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.ان موقعي تي پي ايس ايف ملير ضلعي جي جنرل سيڪريٽري ماجد ميمڻ خاص ليڪچر ڏيندي چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ۾ حقيقي عوامي سياست جو بنياد وڌو، جنهن ملڪ کي متحد، منظم ۽ مظبوط ڪيو هن غريب عوام کي سياست جي مرڪز تائين آندو. هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه غريب، مزدور، هاري، ۽ شاگردن جي آواز بڻجي سامهون آئي آهي، ۽ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن پارٽي جي فڪري ۽ نظرياتي جدوجهد ۾ اهم ۽ فعال ڪردار ادا ڪيو آهي ماجد ميمڻ وڌيڪ چيو ته شهيد ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جا خواب نوجوان ئي مڪمل ڪري سگهن ٿا ۽ هر ڪارڪن جو فرض آهي ته هو پارٽي جي فلسفي، خدمت، ۽ جدوجهد کي تعليمي ادارن ۽ سماج ۾ وڌيڪ مضبوط بڻائي.پروگرام ۾ مختلف مقررن سليم ڏاهري صدام عباسي، ياسر بلوچ پڻ خطاب ڪيو جن چيو ته اسٽڊي سرڪل جو مقصد نوجوانن کي سياسي طور تي باشعور بڻائڻ ۽ پارٽي جي نظريي سان لاڳاپيل رهڻ آهي، جيئن مستقبل ۾ اهي قيادت ۽ تبديلي جا مؤثر نمائندا بڻجي سگهن آخر ۾ شرڪت ڪندڙن شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو، ۽ ٻين شهيدن جي مغفرت لاءِ دعا گهري ۽ ملڪ ۾ جمهوريت، امن، ۽ ترقي لاءِ عزم جو اظهار ڪيو پروگرام ۾ پي ايس ايف جا ضلعي ۽ تعلقا عهديدار، ڪارڪن ۽ شاگرد وڏي تعداد ۾ موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
عوامي پريس ڪلب ٺٽو جي جنرل باڊي جو صدر بلاول سمون جي صدارت ۾ اجلاس, مختلف پروگرام ڪرائڻ بابت غور ويچار
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ملير ۾ عالمي مجلس تحفظ ختمِ نبوت جي اهتمام هيٺ شاهه ٽائون ۾ ختمِ نبوت ڪانفرنس
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور جي اديبن ۽ صحافين طرفان اسلامي مرڪز دارالقرآن جو دورو
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
27هين آئيني ترميم ملڪ ۾ ننگي ڊڪٽيٽرشپ جو اعلان آهي: وسند ٿري
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عوامي پريس ڪلب ۾
0 تبصرے