کهڙا ۾ پراڻي دشمني تان حاضري تان موٽندڙ شخص گوليون هڻي قتل

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 50 ورهين جو قربان علي چنا مارجي ويو

کهڙا ۾ پراڻي دشمني تان حاضري تان موٽندڙ شخص گوليون هڻي قتل

گمبٽ (زوھيب سمون) کھڙا ۾ دشمني تان اڌڙوٽ گوليون هڻي قتل ابل واھ روڊ تي سهتا محلا وٽ نامعلوم موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ حاضري تان موٽندڙ شخص بيدردي سان قتل پوليس مقتول کي گمس اسپتال منتقل ڪيو لاش وارثن حوالي لاش گهر پهچڻ تي قهرام خبر موجب، کهڙا ۾ موٽر سائيڪل تي سوار نامعلوم هٿياربندن پراڻي دشمني تان حاضري تان موٽندڙ 50 سالا قربان علي چنا ولد لڌل خان چنو کي ابل واھ روڊ تي سهتا محلا کهڙا وٽ گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري فرار ٿي ويا مقتول کي کهڙا ٿاڻي جي پوليس پوسٽ مارٽم لاءِ گمس اسپتال منتقل ڪيو پوليس مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو مقتول جي ماسات محمد رفيق چنا صحافين سان ڳالهائيندي دانهيو ته علي حسن چنو جي در سان تڪرار هلندڙ آهي علي حسن جي در وارن مقتول قربان ۽ سندس ٻن پٽن جو بيگناھ نالو خون ۾ ڏئي ڇڏيو هو قربان اڄ ان خون جي حاضري تي گمبٽ آيو هو واپس ويندي علي حسن جي در جي ماڻهن کيس گوليون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو لاش گهر پهچڻ تي قهرام مچي ويو مقتول قربان علي چنو سڳيون جو رهواسي هو ۽پنهنجي ئي برادري جي ماڻهن سان جهيڙي سبب سڳيون مان کرل آباد لڏي ويو هو، ايس ايڇ او کهڙا امير علي چانگ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول قربان علي چڻو جي در ۽ علي حسن چنو ڌر وچ ۾ خوني تڪرار هلندڙ آهي اڄ قربان علي چنو علي حسن چني جي در جي قتل ٿيل همراه جي ڪيس ۾ گمبٽ حاضري تي آيو هو حاضري بعد ڳوٺ وڃي رهيو هو ته هٿياربندن فائرنگ ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو مقتول جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ سڳيون جي ڪچي واري علائقي ۾ ڇاپو هنيو آهي پر جوابدار گهر خالي ڪري هليا ويا آهن جنهن ڪري گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي ، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي ناهي سگهيو.