English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جا ماڻھو سنڌو درياھ، زمينن، وسيلن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ خلاف جدوجهد ڪن: اياز لطيف پليجو
115 views
|
22nd Oct 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ پاران اڄ ڳڙهي خيرو ۾ محبت سنڌ پيادل مارچ ڪيو ويندو
حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ ۾ افغانين سميت ڌارين جي آبادڪاري، پاڻي تي ڌاڙي، ڪرپشن، ڪارپوريٽ فارمنگ، ميرٽ جي لتاڙ، ڪارو ڪاري ۽ بدامني لاقانونيت خلاف سڀاڻي (اڄ) ڳڙهي خيرو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ محبت سنڌ پيادل مارچ ڪري جلسي عام ڪيو ويندو قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ جا ماڻھو پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت مان اميد ڪرڻ بدران سنڌو درياھ، زمينن، وسلين، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪرپشن ۽ ميرٽ جي لتاڙ ۽ خراب حڪمراني خلاف جدوجھد تيز ڪن۔ سنڌ جا ماڻھو مصلحتن خاموش ويھڻ ۽ ٻين جي اٿڻ جو انتظار ڪرڻ بدران پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي. سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو آهي. پ پ حڪومت سنڌ کي تباھ ڪري ڇڏيو آھي. زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪيو ويو آهي پاڻي تي ڌاڙا لڳي رھيا آھن. قومي وسيلا ۽ لکين ايڪڙ زمين تين وال ڪئي پئي وڃي. نوڪريون ۽ ڊگريون وڪرو ڪندڙن کي وزيرن جي سرپرستي حاصل آھي. سرڪاري آفيسن ۾ ڪرپٽ مافياز جو قبضو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ عوام کي پنھنجن حقن لاءِ گھڻي پاسائي جنگ وڙھڻ جي ضرورت آھي. سنڌ جو ھاري، مزدور، استاد، شاگرد، نوجوان، عورت جيستائين پنھنجن حقن لاءِ اٿي کڙو نہ ٿيندو تيستائين ڪرپٽ مافيا حڪمرانن مان نجات نہ ملندي.اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت کي سنڌ جي تباھ ٿيل تعليم صحت پاڻي، ڊرينيج، کنڊر روڊ، برباد ڪيل زراعت، بک، بيروزگاري ۽ بدحالي نظر نٿي اچي. سنڌ جي ٽيڪس مان ملڪ ھلي ٿو پر سنڌ جو عوام غربت جي چڪي ۾ پيسجي رھيو آھي. وفاق حڪومت جي سنڌ جي خوشحالي لاءِ ڇو پاليسي ناھي. ڇو سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنجڻ ڏنو ويو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪمرانن کي سنڌ جو عوام نہ سنڌ جا وسيلا گھرجن. روزانو انھن وسيلن تي قبضن ۽ ڌاڙن جي منصوبابندي ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي مزاحمت جي تاريخ آھي. سنڌي ماڻھو ڌرتي جھڙو مزاج رکن ٿا، اھي ٿڌا آھن تہ ٿڌا آھن، جيڪڏھن گرم ٿيندا ۽ وڄ ٿي اٿندا تہ تخت لوڏي ڇڏيندا. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جو سمنڊ ايشيا جو گيٽ وي آھي، عالمي سامراجي طاقتون ھن خطي تي قبضي لاءِ سنڌ ۽ پاڪستان کي ٽوڙڻ جي سازش ڪري رھيون آھن. سنڌ جو عوام پنھنجي ڌرتي، پاڻي، زمينن ۽ وسيلن تي قبضي جي سازش برداشت نہ ڪندو ۽ نئون اسرائيل بنجڻ نہ ڏينداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Feb 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪراچي ملير جون قومي سياسي ڌريون ۽ سندن مخالف ڌر جو ڪردار?
20th Feb 2026
•
سندھ
خيرپور میں ایک ماہ قبل پراسرار طور لاپتا نوجوان کی ٹکڑوں میں لاش مل گئی
20th Feb 2026
•
سندھ
نوشہرو فیروز میں نوجوان نے مبینہ طور پر خودکشی کر لی
20th Feb 2026
•
سندھ
کراچی میں ڈکیتوں کی فائرنگ سے بہرام کا نوجوان جاں بحق
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ڀرسان پوليس موبائيل حادثي جو شڪار، گٽڪي ۾ استعمال ٿيندڙ سامان هٿ
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ اچي مبينا آپگهات ڪري ڇڏيو
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: منزل پمپ اسٽاپ وٽ ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو، ٻيو زخمي
20th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران مختلف ڪيسن ۾ گهربل جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے