ٺٽو: گهوڙا ٻاري روڊ تي حادثي بعد 2 ڄڻا بئراج ۾ ڪِري ٻڏي فوت

ٺٽو: گهوڙا ٻاري روڊ تي حادثي بعد 2 ڄڻا بئراج ۾ ڪِري ٻڏي فوت

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) گھوڙاٻاڙي بڪيرا اسٽاپ جي ڀرسان اڏيرو بئراج تي گذريل رات دير سان پيش آيل افسوسناڪ حادثي انتظاميه جي سنگين غفلت ۽ ريسڪيو نظام جي ناڪافي انتظامن جي پت وائکي ڪري ڇڏي.تفصيل موجب پڪ اپ سوزوڪي جو ڊرائيور گاڏيءَ تان ڪنٽرول وڃائي ويٺو، جنهن سبب گاڏي بئراج جي پل سان ٽڪرائجي وئي، ۽ شديد ٽڪر سبب سوزوڪي ۾ سوار ٻه ڄڻا فقيرو مھر ۽ خميسو ڪنڊرا بئراج ۾ ڪري ٻڏي ويا۔متاثر خاندان ۽ علائقي واسين موجب حادثي کان پوءِ صبح دير تائين ڪابه ريسڪيو ڪارروائي شروع نه ٿي سگهي، جنهن تي سخت پريشاني جو اظهار ڪيو ويو۔ ماڻهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ريسڪيو عمل وقت شروع ڪيو وڃي ها ته شايد جاني نقصان کان بچي سگھجي ھا.صبح دير تائين انتظاميه طرفان ڪو به نوٽيس نه وٺڻ تي مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻڏي ويل ماڻھن جي ڳولھا جو عمل شروع ڪيو۔ جڏهن معاملو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو ته صوبائي وزير جيل کاتو ۽ ورڪس اينڊ سروسز حاجي علي حسن زرداري نوٽيس ورتو ۽ انتظاميا کي فوري ريسڪيو آپريشن شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون۔وزير جي هدايت تي پيپلزپارٽي گھوڙاٻاڙي جو صدر ۽ ٽائون ڪميٽي گھوڙاٻاڙي جو چيئرمين محمد رمضان پنھور واقعي واري هنڌ پهچي ريسڪيو عمل جي نگراني ڪئيريسڪيو ٽيم ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڳولا ڪرڻ بعد پهريائين خميسو ڪنڊرا ۽ پوءِ فقيرو مھر جو لاش هٿ ڪري ورتو۔مقامي ماڻهن ريسڪيو ادارن جي دير، لاپرواهيءَ ۽ ابتدائي ردعمل ۾ شديد ڪوتاھي تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو آهي ته انتظاميه ذميوارن جو تعين ڪري۽ علائقي ۾ ريسڪيو نظام کي فوري طور بهتر ڪرڻ لاء عملي قدم کڻي۔