دهشتگردن جي اندھيري سازشن ۽ بزدلانه ڪارروائين هيٺ،لڪي مروت ۾ پوليس موبائل هڪ ڀيرو ٻيهر انهن جي ظلم ۽ بربريت جو شڪار بڻي.جتي هڪ خودڪش بمبار تجوڙي جي ويجهو ڪٽوخيل اڏي تي پوليس موبائل تي حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هيڊ ڪانسٽيبل علاءالدين شهيد ٿي ويو ۽ پنج ٻيا اهلڪار زخمي ٿيا.هي منظر هڪ خوفناڪ حقيقت آهي ته دهشتگرد نه صرف عام ماڻهن کي نشانو بڻائين ٿا پر انهن جي حدون قانون نافذ ڪندڙ ادارن تائين پهچي چڪيون آهن. پوليس موبائل ۾ موجود ست اهلڪار هن حملو جو شڪار ٿيا، جنهن ۾ موبائل انچارج اي ايس آئي حق نواز خان، ڊرائيور يار محمد، ايليٽ فورس ڪانسٽبل ڪمال احمد، نعيم الله ۽ ڊي ايف سي نصر الله شامل آهن. انهن جي زخمن ۽ شهادت جو نه صرف لڪي مروت پر سڄي علائقي ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي، جتي امن قائم رکڻ لاءِ پوليس پنهنجون قربانيون ڏئي رهي آهي.
هي حملو هڪ ٽريجڊي آهي، پر ان کي صرف شهيد يا زخمين جي فهرست تائين محدود نه ڏسڻ گهرجي.هي هڪ انتباہ آهي ،انتباہ اُن معاشري لاءِ جيڪو امن ۽ استحڪام جي آس تي آهي. گذريل سال جي ڊيٽا مطابق، ملڪ ۾ انتھائي تشويشناڪ صورتحال نظر اچي رهي آهي. هر مهيني دهشتگردي جون وارداتون وڌي رهيون آهن. مثال طور، شمالي وزيرستان جي ميرعلي علائقي ۾ هڪ خودڪش بمبار کي نشانو بڻايو ويو، جنهن نتيجي ۾ ڪيترائي سپاهين شهيد ٿيا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا. تازو ئي لڪي مروت ۾ پوليس موبائل تي خودڪش دھماڪو به ان تسلسل جو تسليم آهي.
اهو صرف انگ اکر يا رپورٽون ناهن — هر حملو، هر شهيد، هر زخمي اسانجي قوم، اسانجي امن ۽ اسانجي مستقبل تي لکيل سوال آهي.؟ جڏهن دهشتگرد عام ماڻهوءَ کي نشانو بڻائين، يا پوليس، فوج جهڙي قانون نافذ ڪندڙ قوتن تي حملو ڪن، ته ان جو مطلب آهي ته انهن کي نه رڳو بيان يا نظرياتي جنگ پسند آهي، پر عملي طور تي قومي استحڪام ۽ عوامي زندگيءَ کي نشانو بڻائڻو آهي.
حڪومت ۽ سيڪيورٽي ادارن ان جي جواب ۾ آپريشنز ڪري رهيا آهن. گذريل مهينن ۾ ضلع لڪي مروت ۾ ۾ ڪيترائي دهشتگرد نيٽ ورڪس ختم ڪيا ويا، جن تي پوليس ۽ شهري سميت ڪيترن ئي حملا ڪرڻ جا الزام هئا. پر اهو ڪافي ناهي. دهشتگردي جو سلسلو انتهائي پيچيده آهي ۽ صرف فوجي يا پوليس آپريشن سان ختم نٿو ٿي سگهي. جڏهن ته دهشتگرد ڪنهن اسڪول، جامع مسجد، ريلوي ٽرين، يا عدالت جي عمارت تائين حملو ڪن ٿا، ته اهو صاف ڪري ٿو ته دشمن جو ٽارگيٽ صرف ادارا يا فورسز ناهن، پر عام زندگيءَ جي استحڪام آهي.
لڪي مروت جو هي تازو واقعو صرف شهيد ۽ زخمين تائين محدود نه آهي، اهو اسانجي سماج، عوامي اعتماد، ۽ علائقائي سلامتي لاءِ وڏو امتحان آهي. پوليس ۽ فوج جا اهلڪار پنهنجون جانون نڇاور ڪري عوام جي حفاظت ڪري رهيا آهن، پر انهن کي وڌيڪ مضبوط حڪمت عملي ۽ عوامي همٿ جي ضرورت آهي. هر شهيد، هر زخمي اسان کي ياد ڏياري ٿو ته امن قائم رکڻ صرف بندوقن ۽ آپريشنز تائين محدود نه آهي، پر سماجي شعور، اتحاد ۽ تحفظ جي لاءِ مڪمل حڪمت عملي جي ضرورت آهي.
دهشتگردي جي مسلسل ڪارروائين ۽ خودڪش حملا معاشي ۽ سماجي استحڪام تي به اثرانداز ٿي رهيا آهن. خوف ۽ عدم تحفظ جي ماحول سبب ماڻهو روزگار، تعليم ۽ زندگيءَ جي عام سرگرمين کان پري ٿي رهيا آهن، جيڪو ملڪ جي مستقبل تي ڊگهو اثر ڇڏيندو. پوليس ۽ فوج جي قرباني صرف فوري خطرن کي روڪڻ تائين محدود ناهي، پر اهو عوامي حوصلي، قوم جي همت ۽ مستقبل جي امن جي ضمانت پڻ آهي.
دهشتگردن جو هڪ مقصد عوام ۾ خوف پيدا ڪرڻ آهي. جڏهن عوام خوف ۾ رهي ٿو، ته اهي پنهنجي زندگيءَ ۾ محدوديون محسوس ڪن ٿا، معاشي ترقي گهٽجي ٿي، ۽ نوجوانن ۾ مايوسي وڌي ٿي. انهن اثرن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ انتظاميا کي نه رڳو حفاظتي آپريشنز ڪرڻ گهرجن، پر سماجي، اقتصادي، ۽ تعليمي پاليسين کي مضبوط ڪرڻو پوندو. نوجوانن کي دهشتگردي جي منفي سوچ کان بچائڻ، تعليم ۽ روزگار جي موقعا فراهم ڪرڻ، ۽ مقامي ڪميونٽي جي حوصلي کي وڌائڻ ضروري آهي.
اهو وقت آهي ته اسان صرف شهيدين ۽ قربانين کي ياد ڪري نه، پر مستقبل لاءِ پنهنجو رويو، پاليسي ۽ سوچ تبديل ڪيون. دهشتگردي جي خوفناڪ ڪارروائين کي صرف فوج ۽ پوليس سان روڪي نه سگهجي، پر عوام، تعليم، سماج، ۽ مضبوط پاليسين سان ئي ان کي ٽوڙي سگهجي ٿو. لڪي مروت ۽ ٻين علائقن ۾ حالتون واضح ڪن ٿيون ته دهشتگردي جي مقابلي ۾ صرف قوت جي نه، پر اتحاد، شعور، ۽ حڪمت عملي جي به ضرورت آهي.
هر خودڪش حملو، هر بزدلانه ڪارروائي اسان کي ياد ڏياري ٿي ته امن قائم رکڻ صرف لفظن جو معاملو نه آهي، پر عمل، قرباني، ۽ حڪمت عملي جو امتحان آهي. پوليس اهلڪار ۽ فوجي جيڪي پنهنجون جانون قربان ڪري رهيا آهن، اهي اسان جي قوم لاءِ روشن مثال آهن. اسانجي ذميواري آهي ته انهن قربانين کي رڳو ياد نه ڪريون، پر انهن جي لاءِ هڪ محفوظ ۽ مضبوط پاڪستان قائم ڪرڻ لاءِ ڪم ڪريون.
دهشتگردي ۽ خودڪش حملا اسانجي سياسي، معاشي، ۽ سماجي استحڪام لاءِ وڏو خطرو آهن. حڪومت کي لازمي آهي ته حفاظتي تدابير کي صرف فورسز تي منحصر نه رکي، پر عوامي شعور، سماجي تعاون، تعليمي پاليسين، ۽ نوجوانن جي ترقي کي پڻ نظر ۾ رکندي پاليسيون مضبوط ڪري. شهيد ۽ زخمين جي قرباني اسانکي سبق ڏين ٿيون ته امن، حوصلو، ۽ اتحاد ئي اهڙين ڪارروائين کي ناڪام ڪري سگهن ٿا.
لکي مروت، شمالي وزيرستان، ۽ ٻين علائقن ۾ ٿيندڙ حملن جا واقعا اسان کي هڪ ئي پيغام ڏين ٿا: دهشتگردي صرف عليحده خطي جو مسئلو ناهي، اهو پوري ملڪ جي آزمائش آهي. اسان کي انهن کي صرف مقابلي سان نه، پر علم، شعور، اتحاد، ۽ مضبوط پاليسين سان منهن ڏيڻو پوندو.
0 تبصرے