English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي، ھاڻ بہ لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين: اياز لطيف پليجو
103 views
|
01st Dec 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو اجلاس اياز لطيف پليجو صدرات ۾ ٿيو اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي
حيدرآباد (بيورو)قومي عوامي تحريڪ جو اجلاس اياز لطيف پليجو صدرات ۾ ٿيو اجلاس ۾ ملڪ ۽ سنڌ جي موجوده سياسي صورتحال تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي.اجلاس کي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ وٽ پرامن جدوجھد جي ڊگھي تاريخ آھي. جنرل ايوب جي خلاف ون يونٽ ٽوڙيو تحريڪ، نيلام بند ڪيو تحريڪ، سنڌي ۾ لسٽيون ڇپرايو تحريڪ، آمر جنرل ضياء جي سنڌ دشمن پاليسين خلاف ۽ جمهوريت جي بحالي لاء ايم آر ڊي جي تحريڪ، ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ، آمر جنرل پرويز مشرف خلاف تحريڪ، ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن خلاف مسلسل جدوجهد ۽ ٻٽي نظام خلاف جدوجهد ڪري ڪاميابيون حاصل ڪيون آھن. ھاڻ بہ لکين ماڻھن سان رستن تي اچي سنڌ دشمن فيصلا ناڪام بڻائينداسين.اياز لطيف پليجي چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم ذريعي عدالت ۽ جمھوريت جو جنازو ڪڍيو ويو آھي. اقتدار خاطر انصاف جا دروازا بند ڪيا ويا آھن. جمھوريت کي ختم ڪري آمريت جا دروازا کوليا ويا آھن. اظھار جي آزادي، عوام جي آواز کي بند ڪرڻ جا ڪارا قانون جوڙيا پيا وڃن.ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال سنڌ دشمن منصوبا آھن. پيپلز پارٽي ھميشه مظلوم قومن جي تباھي جا قانون ٺاھيا ۽ انھن کي تحفظ ڏنو آھي. ملڪ ۽ سنڌ دشمن آئيني ترميم ذريعي حڪمران پنھنجي اقتدار جي تابوت ۾ ڪوڪا ٺوڪي رھيا آھن. پيپلزپارٽي اقتدار جي نشي ۾ مست حڪمران ياد ڪن تہ اقتدار ڪجھ وقت لاءِ ھوندو آھي، اھو اچڻو ۽ وڃڻو آھي پر وطن، درياھ، ۽ ڌرتي سدائين لاءِ ھوندا آھن.اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ فتح ڪيل علائقو ناھي. سنڌ سنڌين جو وطن آھي. پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ جمھوريت ۽ آئين کي دفن ڪري ڇڏيو آھي. جمھوريت ۽ عدالت جي بحالي لاءِ سڄي سنڌ ۾ جدوجھد ڪئي ويندي. 27ھين ترميم جمھوريت، عدالت ۽ انساني حقن تي ڌاڙو آھي.اياز لطيف پليجي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ بي روزگاري، مھانگائي، منشيات، بدامني ۽ ڪرپشن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل سنڌ کي پرامن جدوجهد ذريعي نجات ڏيارينداسين. اجلاس ۾ مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظھر راهوجو، ڊپٽي جنرل الطاف خاصخيلي، مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ زاھد ڀنڀرو، مرڪزي خزانچي شوڪت تنيو، مرڪزي اڳواڻ خادم سمون، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر جي ايم سرڪي، عامر سنڌي نظير بليدي، ربڏنو ملڪ، رفيق ڪنراڻي، ياسر جاکرو، معشوق چانڊيو ۽ سميت ٻين ساٿين شرڪت ڪئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
22nd Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
غربت ۽ بيروزگاري، جنھن سان زندگي زھر بڻجي ٿِي!
22nd Dec 2025
•
دنیا
مکہ مکرمہ میں منشیات اسمگلنگ، دو پاکستانی شہریوں کو سزائے موت دے دی گئی
22nd Dec 2025
•
پاکستان
پی آئی اے کی نجکاری کا اہم مرحلہ، 75 فیصد شیئرز کی بولی کل ہوگی
22nd Dec 2025
•
تازہ ترین
بنگلادیش میں جماعتِ اسلامی کی کامیابی کے لیے دعا گو ہیں: خواجہ سعد رفیق
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
اسٽيل ملز سيڪيورٽي عملدارن هٿان مارجي ويل نوجوان ٻئي عملدارن خلاف داخل ڪيس جي ڪاپي
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنري ۾ ايس ايڇ او افتخار باجوا جي معطلي بعد محمد حسين جٽ ايس ايڇ او مقرر
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو، مڪلي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڊمپر ۽ ٽرڪ حادثن ۾ اضافو
22nd Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ابراهيم حيدري ٽائون آفيس ڀرسان رزاق آباد جو غريب آباد پارڙو مسئلن جي ور چڙهيل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
0 تبصرے