عمارت زبون حال هجڻ ڪري ڇت جا چاپڙ ڪِرڻ روز جو معمول بڻيل، استادن ۽ ٻارڙن ۾ خوف پکڙيل
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گڏاپ جي قديمي حاجي جوکيو ڳوٺ ۾ قائم سرڪاري پرائمري اسڪول شديد زبون حاليءَ جو شڪار بڻيل آهي جتي خستہ حال عمارت ڀڳل ڇتيون ۽ هر روز ڪرندڙ سيمينٽ جا ڳرا ٽڪرا معصوم ٻارن ۽ استاد لاءِ مستقل خطرو بڻيل آهن۔ اسڪول جي ڪمرن ۾ ڇت جا وڏا ٽڪرا ڪرڻ روزاني معمول بڻيل آهي، جنهن سبب ڪنهن به وقت وڏو حادثو پيش اچڻ جا امڪان وڌي ويا آهن مقامي رهواسين ۽ والدين جو چوڻ آهي ته سالن کان اسڪول جي مرمت ۽ بحالي نه ٿي آهي، جنهن ڪري عمارت ڪمزور ٿيڻ سان گڏ بنيادي سهولتن جي به سخت کوٽ آهي۔ ڪيترائي ڪلاس روم برساتي موسم ۾ پاڻي ڀرجي وڃڻ سبب ناقابلِ استعمال ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته فرنيچر، بجلي، پکي ۽ ٻين انتظامن جو به شديد فقدان آهي استادن جو چوڻ آهي ته هو هر روز ڊپ ۽ خطري جي احساس هيٺ ٻارن کي پڙهائڻ تي مجبور آهن، ڇو ته ڇت مان ڪنهن به وقت ڪرڻ وارو ملبو ڪنهن ٻار کي زخمي ڪري سگهي ٿو۔ والدين شديد پريشانيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سندن ٻارن جون زندگيون داؤ تي لڳل آهن، پر تعليم کاتي طرفان اڃا تائين ڪو به عملي قدم نه کنيو ويو آهي گوٺ واسين حڪومت سنڌ، تعليم کاتي ۽ ڊي سي ملير کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي مرمت، بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ فوري طور تي هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، ته جيئن معصوم ٻارن کي محفوظ ۽ مناسب تعليمي ماحول فراهم ٿي سگهي۔ رهواسين خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن اسڪول جي حالت جلد بهتر نه ڪئي وئي تہ ڪنهن به امڪاني وڏي حادثي جي ذميواري مڪمل طور تي لاڳاپيل ادارن تي عائد ٿيندي۔
0 تبصرے