English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاڳ ٻار تحريڪ گهگهر پاران تربيتي ڪلاس جو 200ھون ڪلاس پورو ٿيڻ تي جشن ملھايو ويو
282 views
|
26th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
يونٽ صدر سھيل ميراڻي، شعبان رند، حليمان رند، عائشه، سميرا،پرک سومرو ۽ ٻين پاران پروگرام منعقد
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سجاڳ ٻار تحريڪ گهگهر يونٽ گھگھر ۾ ھلندڙ تربيتي ڪلاس جو 200ھون ڪلاس پورو ٿيڻ تي سومرا ھائوس تي جشن ملھايو جنهن کي يونٽ صدر سھيل ميراڻي، جنرل سيڪريٽري شعبان رند،جوائنٽ سيڪريٽري حليمان رند، عائشه، سميرا،پرک سومرو،صمد ۽ ٻين اڳواڻن آرگنائيز ڪيو.پروگرام ۾ عوامي تحريڪ ضلعي ملير جي صدر پرھ سومرو، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري زوھيب ڪلمتي،عوامي تحريڪ جي سينئر اڳواڻ شاني سومرو،سنڌياڻي تحريڪ يونٽ گھگھر ڦاٽڪ جي صدر زاھدا نواز گھنڃو،سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ساک سنڌو،سنڌياڻي تحريڪ جي ڀيڻ حورالنساء ميراڻي، ناديا ميراڻي، افسانا زھراڻي، خوشي ميراڻي، سينئر فائن آرٽس استاد سڪندر جوڳي خصوصي شرڪت ڪئي.200 تربيتي ڪلاس پورا ٿيڻ جي جشن ۾ سجاڳ ٻار تحريڪ جي ٻارڙن، انقلابي گيت پيش ڪيا ،گيت،ٽيبلوز،ليڪچر، تقريرون ۽ خاڪا پيش ڪيا ويا، ان موقعي تي شاني سومري چيو ته تسلسل سان ھي ڪلاس ھلائڻ محنت جو ڪم آھي جنھن لاءِ ھن ڪلاسز ھلائڻ جي سرپرست پرھ سومرو کي واڌايون ھجن، سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ زوھيب ڪلمتي چيو ته مونکي ٻارڙن جي تربيٿ ڏسي بيحد خوشي ٿي رھي آھي، واقعي چئي سگھجي ٿو ته ھي سجاڳ ٻار آھن،اسين پڻ تربيتي ڪلاسز سان اسرندڙ ڪارڪن آھيون،ادي زاھدا نواز گھنڃو چيو ته اڄ جيڪڏھن قائد رسول بخش پليجو زندھ ھجي ھا ته ھي انقلاب ۽ تربيت ڏسي بيحد خوش ٿئي ھا، ادي حورالنساءَ ميراڻي پڻ ٻارن کي مبارڪون ڏنيون،سجاڳ ٻار تحريڪ يونٽ گھگھر ڦاٽڪ جي صدر سھيل ميراڻي جو چوڻ ھو ته مان پھرين ترٻيتي ڪلاس کان ھنن ڪلاسز جو حصو رھيو آھيان اڄ ان ئي يونٽ جو صدر پڻ آھيان مونکي بيحد خوشي ٿي رھي آھي،ساک سنڌو چيو ته، مان ھنن ڪلاسز جي 2020 کان حصو رھي آھيان يقينن ٻارڙن جي ھھڙي تربيت ڪرڻ ساراھ جوڳو عمل آھي،ناليواري آرٽسٽ سڪندر جوڳي تقرير ۾ چيو ته تربيتي ڪلاسز سان ٻارن ۾ خوداعتمادي پيدا ٿئي ٿي ۽ ھن گھر کي يونيورسٽي چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو ۽ علائقي جي ماڻھن کي پنھنجن ٻارن جي سکيا لاءِ ھنن ڪلاسز ۾ شرڪت ڪرائڻ گھرجي،پرھ سومرو چيو ته منھنجي لاءِ خوشي جھڙي ڳالھ آھي ته اڄ 200 ڪلاس مڪمل ٿي چڪا آھن، ھي ڪلاس سخت گرمي ،سخت سيءَ ،مينھن جھڙن ۾ ھيسيتائين جو سلسلو جاري رکندا آيا آھن،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سجاڳ ٻار تحريڪ گهگهر
0 تبصرے