نوشهروفيروز ۾ صحافي ۽ قلمڪار مير محمد سهتو جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

صحافين,ليکڪن,اديبن پاران مير محمد سهتو جي زندگي تي ڀرپور تقريرون ڪري کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي

نوشهروفيروز ۾ صحافي ۽ قلمڪار مير محمد سهتو جي وڇوڙي تي تعزيتي ميڙاڪو

نوشهروفيروز (ڊ ر) انٽرنيشنل رائٽرس فورم پاڪستان ۽ سنڌي ادبي سنگت نوشهروفيروز پاران ناليواري صحافي بهترين قلمڪار ۽ انسانيت جو خدمتگار مرحوم مير محمد سهتو جي وڇوڙي تي نوشهروفيروز جي نيشنل پريس ڪلب ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جنهن جي صدارت پروفيسر علي اصغر ڀٽي ڀريائي ڪئي جنهن ۾ مرحوم ميرمحمد سهتو جي صحافتي زندگي جي حوالي سان پروفيسر علي اصغر ڀٽي ڀريائي, انٽرنيشنل رائٽرس فورم پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻ اعجاز ممنائي,نيشنل پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر ايم ظفر تڳر,پريس ڪلب نوشهروفيروز جي صدر محمد يونس راڄپر,سيئر صحافي راڻا شيرمحمد راجپوت ,ايريگيشن اڳواڻ محمد يوسف منگي, هيومن رائيٽرز جي اڳواڻ مولابخش مشوري,نوشهروفيروز صحافي اتحاد جي سينيئر وائيس چيئرمين محمد خالد ميمڻ,مرحوم جي فرزند صحافي سراج مير سهتو ,ڀرياروڊ جي صحافي محبوب نوناري ,ٺاروشاهه جي صحافي تنوير قريشي,بهترين ڪلاڪار علي نواز سولنگي,صحافي حبدار علي مشوري صحافي حافظ غلام نبي رند سميت ضلعي جي مختلف شهرن مان آيل ٻين صحافين,ليکڪن,اديبن پاران مير محمد سهتو جي زندگي تي ڀرپور تقريرون ڪري کيس لفظن جي ڀيٽا ڏني وئي اڳواڻن چيو ته مير محمد سهتو 30 سال صحافت کي ارپيا ۽ آخري وقت تائين جستجو ڪندو رهيو کيس خبر ٺاهڻ ۽ خبر جي تهه تائين پهچڻ سبب خبرن جو جادوگر سڏبو هو حقيقي صحافت به اها آهي ته ڪنهن به خبر جا مڙئي پاسا ڏٺا وڃن ته جيئن عوام سامهون حقيقتون سامهون اچي سگهن ۽ مظلوم وڙي ظالم جي سڃاڻپ ٿي سگهي۔ تعذيتي ميڙاڪي جي آخر ۾ مرحوم مير محمد سهتو جي مغفرت لاء اجتماعي طور دعا گهري وئي ۔