English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شڪارپور ۾ صحافي گوگي رام عرف ديوان چند سان مبينا فراڊ خلاف احتجاجي مظاهرو
88 views
|
21st Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مهيش ڪمار موبائيل ايپ ذريعي اڪائونٽ مان 19 لک رپيا فراڊ ذريعي ڪڍرايا آهن: گوگي رام
شڪارپور (احسان ابڙو) صحافي گوگي رام عرف ديوان چند سان ٿيل فراڊ خلاف شهرين ۽ صحافين پاران لکي غلام شاهہ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن بعد هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وئي۔ شرڪت ڪندڙن صحافي سان ٿيندڙ زيادتي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي اعليٰ اختيارين کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو پريس ڪانفرنس دوران صحافي گوگي رام دانهون ڪندي الزام هنيو ته سندس ڪيمرا مين مهيش ڪمار موبائيل ايپ ذريعي سندس ايڇ بي ايل بئنڪ اڪائونٽ مان 19 لک روپيا فراڊ ذريعي ڪڍرائي ورتا آهن۔ هن چيو ته اها رقم هن جي رٽائرمينٽ سڄي زندگي جي ڪمائي هئي، جيڪا لاپرواهي سان لٽي وئي، پر اڃا تائين جوابدار خلاف ڪا به اثرائتي ڪارروائي نه ٿي آهي۔ گوگي رام مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آءِ جي غلام نبي ميمڻ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ، ۽ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ واقعي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف قانوني قدم کڻي کيس انصاف فراهم ڪن مظاهرين ۾ بئريسٽر ٽيم ضلع شڪارپور جو انفارميشن سيڪريٽري عبدالحق سيٺار،حافظ رحيم بخش مهر، سماجي اڳواڻ مولابخش ميمڻ، مختيار احمد ميمڻ، صحافي زخمي رشيد مهر، محمد عثمان ڀنڀرو، عبدالرزاق بروهي، ياسين مهر، هدايت الله مهر، فهيم حيدر منگي، زيب جوکيو، فراز ميمڻ ۽ ٻيا شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي جتي ھنن چيو ته صحافي سماج جو اک ۽ آواز آهن، ۽ جيڪڏهن کين ئي تحفظ نه ملندو ته صحافت جو وقار مجروح ٿيندو۔ هنن فوري طور جوابدار مهيش ڪمار ۽ سندس ساٿين جي گرفتاري جو مطالبو ڪندي چيو ته متاثر صحافي سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو وڌايو ويندو۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری سے خیبرپختونخوا کے گورنر فیصل کریم کنڈی کی بلاول ہاؤس میں ملاقات
14th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
زندگيءَ ۾ سَمايل ڪائنات- ھِيءَ ڳالھ سَمجھڻ جي ضرورت آھي!
14th Dec 2025
•
پاکستان
چیئرمین سینیٹ یوسف رضا گیلانی سرکاری دورے پر ملائیشیا پہنچ گئے
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
14th Dec 2025
•
تازہ ترین
پاکستان پیپلزپارٹی کے چیئرمین بلاول بھٹو زرداری سے خیبرپختونخوا کے گورنر فیصل کریم کنڈی کی بلاول ہاؤس میں ملاقات
14th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
زندگيءَ ۾ سَمايل ڪائنات- ھِيءَ ڳالھ سَمجھڻ جي ضرورت آھي!
14th Dec 2025
•
پاکستان
چیئرمین سینیٹ یوسف رضا گیلانی سرکاری دورے پر ملائیشیا پہنچ گئے
14th Dec 2025
•
پاکستان
قطر کا قومی دن، قونصل جنرل نائف شاہین السلیطی سے ڈاکٹر شام سندر کی ملاقات، مبارک باد دی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
صحافي گوگي رام عرف ديوان چند
0 تبصرے