اسان سياسي بصيرت سان ڪم ڪنداسين، انتقامي ڪارروايون نه ٿينديون: نواب محمد يونس ٽالپر
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر جي فرزند نواب محمد يونس ٽالپر عمرڪوٽ پهچي ڪيترين ئي اهم سياسي، سماجي ۽ تعزيت واري ملاقاتن ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن عمرڪوٽ شهر جي ترقي، عوامي مسئلن جي حل ۽ سياسي ورڪرن سان مضبوط رابطن کي پنهنجي پهرين ترجيح قرار ڏنو، نواب محمد يونس ٽالپر غازي عباس علمدار هائوس، رسول بخش رحيمداڻي وٽ پهتا، جتي سياسي، سماجي ۽ شهر جي ترقي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي، صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته خاصخيلي پاڙي ايم آر ڊي سميت ڪيترين جهموري جدوجهدن ۾ ناقابلِ فراموش قربانيون ڏنيون، هن چيو ته ڪامريڊ رسول بخش رحيمداڻي، مرحوم ڪريم داد خاصخيلي، محمد رمضان خاصخيلي، غلام رسول خاصخيلي ۽ ٻين جهموريت لاءِ تاريخي خدمتون انجام ڏنيون، خاصخيلي برادري جا ماڻهون هميشه پيپلز پارٽي سان وفادار رهيا آهن، جن ۾ رسول بخش رحيمداڻي جو ڪردار نمايان رهيو آهي، جيڪو سياسي، سماجي، صحافتي ۽ راندين جي ميدان ۾ سدائين اڳڀرو رهيو آهي، نواب محمد يونس ٽالپر چيو ته اسان سياسي بصيرت سان ڪم ڪنداسين، انتقامي ڪارروايون نه ٿينديون، بابا مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي نقشِ قدم تي هلنداسين، پراڻن پيپلز پارٽي ورڪرن کي گڏ وٺي هلنداسين ۽ عمرڪوٽ جي ترقي لاءِ عملي قدم کنيا ويندا، آصف علي زرداري، فريال ٽالپر ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪري عمرڪوٽ جا مسئلا حل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، هن وڌيڪَ چيو ته عمرڪوٽ هڪ تاريخي شهر آهي، ۽ ٽٽل روڊن جي مرمت، سفري سهولتن ۾ بهتري ۽ بي روزگار نوجوانن لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ سندن اهم ترجيحن ۾ شامل آهي، ملاقات ۾ محمد اقبال ميمڻ، علي رضا لاشاري، فقير محمد حسن خاصخيلي، صحافي سجاد علي شيخ، عادل حسين رحيمداڻي، آصف خان سميت ٻين به شرڪت ڪئي، بعد ۾ نواب محمد يونس ٽالپر مرحوم محمد عثمان جوکيو جي فرزند غلام مصطفيٰ جوکيو ۽ ٻين وارثن سان ملاقات ڪري مرحوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو، ان کان پوءِ نواب محمد يونس ٽالپر مهيشوري هائوس ويا، جتي هن سرگواسي جيوراج مهيشوري جي پٽ اڀيمان مهيشوري ۽ وارثن سان تعزيت ڪري جيوراج جي ديهانت تي افسوس ظاهر ڪيو، نواب محمد يونس ٽالپر عمرڪوٽ جي سونارا مارڪيٽ جو به دورو ڪيو، جتي گذريل ڏينهن دڪانن ۾ ٿيل وڏي چوري سبب متاثر ٿيل سونارن سان ملاقات ڪئي، هن مدن ڪمار مالهي ۽ ٻين دڪاندارن کي مڪمل يقين ڏياريو ته چورن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو متاثرن کي پورو انصاف ڏنو ويندو.
0 تبصرے