English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير جي مختلف علائقن مان ريتي بجري ۽ پٿر جي مبينا چوري جاري
3 views
|
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
آچار سالار ڳوٺ، ٺٽو دنگ، ڌاٻيچي، ريلوي لائين ڀرسان غير قانوني ڪرش پلانٽ ۽ ٽرالر هلن پيا: ذريعا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان منرل مائنز کاتي ۽ پوليس جي مبينا سرپرستي ۾ غير قانوني طور معدنيات جي کڻڻ، ريتي بجري ۽ پٿر جي چوري جو سلسلو بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جاري آهي، جنهن سبب قومي خزاني کي اربين روپين جو نقصان ٿيڻ سان گڏ جبل، نديون، ريلوي بند ۽ زرعي زمينون به تباهي جي ڪناري تي پهچي ويون آهن ذريعن موجب ملير جي آچار سالار ڳوٺ، ٺٽو دنگ، داٻيچي، ريلوي لائين ڀرسان ڪيترن ئي سالن کان منظم ٽولن جا غير قانوني ڪرش پلانت ۽ ٽرالر هلن پيا، جتي روزانو وڏي پيماني تي ريتي بجري ۽ معدني پٿر چوري ڪري مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪيا وڃن ٿا. رپورٽن موجب منرل مائنز ڊپارٽمينٽ جا ڪلارڪ، ڪجهه ايڊمن اسٽاف، ۽ مائنز پوليس جا آفيسر پڻ بااثر ماڻهن سان مليل ۽ حصيدار بڻيل آهن، جڏهن ته ڪارروائي لاءِ ذميوار کاتا مڪمل طور خاموش نظر اچن ٿا ڏوهاري ٽولن پاران ڪراچي، ٺٽو ۽ ڄامشورو جي رن پٽياڻي، گهارو گولائي، سونڊا، جهرڪ، چليا ڇٽو چنڊ، لوڻي ڪوٽ، جهمپير، ڪلو ندي ۽ فرش ندي سميت مختلف هنڌن تان معدنيات کڻي ٽرالرن ذريعي سمينٽ فيڪٽرين ۽ ٻين ڪارخانن تائين پهچايو پيو وڃي، جنهن مان بااثر ماڻهو ڪروڙين رپيا غير قانوني حاصل ڪري رهيا آهن.سماجي اڳواڻن، زميندارن، هارين ۽ سول سوسائٽي شديد احتجاج ڪندي چيو آهي ته غير قانوني معدنيات کڻڻ سبب جبل ڪٽجي رهيا آهن، ندين جا بستر تباھ ٿي چڪا آهن، ملير ۽ گهارو ندي جي ڀرسان ريلوي بند کي به سنگين خطرو پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو ڪنهن وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿو علائقائي ماڻهن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن منرل مائنز ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر جنرل کان مطالبو ڪيو آهي ته مائنز کاتي اندر ڪرپشن ۾ ملوث آفيسرن، ڪلارڪن ۽ مائنز پوليس خلاف فوري طور تي نوٽيس وٺي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي، ڇوتہ کاتو تباهي جي ڪناري پهتل آهي ۽ معدنيات جي غير قانوني لٽ مار سان گرين بيلٽ مڪمل طور ختم ٿي رهيو آهي هن سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر ملير، ڄامشورو ۽ ٺٽو سميت سنڌ حڪومت کي به اپيل ڪئي وئي آهي ته معدنيات جي غير قانوني ڀيل ۽ قدرتي وسيلن جي تباھي جو نوٽيس وٺي وڏي پيماني تي آپريشن شروع ڪيو وڃي، جيئن قومي دولت جي بچاءُ سان گڏ قدرتي ماحول کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
18th Nov 2025
•
پاکستان
اسموگ سے سانس کی بیماریاں پھیلنے کا خطرہ، قومی ادارہ صحت کا انتباہ
18th Nov 2025
•
سندھ
کراچی میں کار پر فائرنگ؛ ایک شخص جاں بحق، خاتون شدید زخمی
18th Nov 2025
•
پاکستان
پاکستان پر دو بڑے سائبر حملے ناکام، حکومتی ادارے بڑے نقصان سے بچ گئے
18th Nov 2025
•
تازہ ترین
خواجہ آصف کا محمود غزنوی پر بیان لاعلمی کی انتہا ہے، بیرسٹر سیف کا سخت ردعمل
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي ۾ پروگرام منعقد
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو: بوائز هاءِ اسڪول مخدوم ابوالحسن ٺٽوي مڪلي ۾ پروگرام منعقد
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ڀرسان ڳوٺ منڌرا ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب نينگر مارجي ويو
18th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
پ پ ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر مان 700 تولا سون ڦر ٿيو، پنجاب مان هڪ جوابدار گرفتار ڪري 120 تولا سون ۽ 53 لک هٿ ڪري ورتا: پوليس
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
مان ريتي بجري ۽ پٿر جي
0 تبصرے