English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڪيسن کان نٿا ڊڄون، سنڌ کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين, 7ڪروڙ سنڌين جو سنڌياڻي تحريڪ جي باشعور ڀينرن ۾ ساهه آهي: وسند ٿري
3 views
|
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ضيائي مارشل لا دوران ڪابه سنڌياڻي معافي وٺي جيل مان نه موٽي هئي. رسول بخش پليجو 8 سال کان وڌيڪ جيل ۾ رهيو
مٺي (رپورٽر)عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ، اوڀايو جوڻيجو ، ديال صحرائي ۽ ٻين مٺي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته حڪومت 27هين ترميم پاس ڪري آمريت کي مڙهيو آهي ۽ ھاڻي 28هين ترميم آڻي سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر سنڌي قوم اها سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندي. حڪومت کي 27هين آئيني ترميم، بورڊ آف انويسٽمينٽ اميڊمينٽ ايڪٽ، پيڪا امينڊمينٽ سميت سمورا ڪارا قانون ختم ڪرڻا پوندا.هن چيو ته اسين ڪيسن کان نٿا ڊڄون، پوليس جعلي ڪيس ڪري رهي آھي. سنڌ پوليس بوکلاهٽ جو شڪار ٿي وئي آهي سنڌياڻي تحريڪ جي بهادر ڀينرن جي وطن جي حفاظت وارن نعرن جي للڪار سان پوليس لٺين ۽ بندوقن سميت ڀڄي وئي، سنڌياڻي تحريڪ پنهنجو پرامن احتجاج ڀرپور نموني سان رڪارڊ ڪرايو ڪو به ماڻهو جيلن ۽ ٿاڻن کان نٿو ڊڄي. پنهنجي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ جيلن ۾ وڃڻ لاءِ اسين موجود آهيون ڀلي گرفتار ڪريو ۽ ريلي ۾ 500 ماڻهو نه پر 10 هزار کان وڌيڪ هئا، ست ڪروڙ سنڌين جو سنڌياڻي تحريڪ جي باشعور ڀينرن ۾ ساهه آهي. هن چيو ته اسان اڳ ۾ به جيل ڀريو تحريڪون هلايون آهن، هاڻي به تيار آهيون، ضيائي مارشل لا دوران ڪابه سنڌياڻي معافي وٺي جيل مان نه موٽي هئي. رسول بخش پليجو 8 سال کان وڌيڪ جيل ۾ رهيو، عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ جي ڪارڪنن کي جيلن ۽ ٿاڻن جي پرواهه ناهي، هن چيو ته سنڌ ڌرتي ز۽ سنڌو درياهه جي حفاظت اسان جي اولين ترجيع آهي، ان لاءِ اسين هر وقت هر گهڙي مصيبتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. سنڌياڻي تحريڪ تي ڪنهن به نام نهاد جمهوري توڙي آمريتي دور ۾ ايف آئي آر نه ڪٽي آهي، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ سموري سنڌ ۾ سنڌياڻي تحريڪ احتجاج ڪيا پر ڪابه ايف آئي آر نه ٿي. بلاول طرفان سنڌياڻي تحريڪ جي ڀينرن تي ايف آئي آر ڪٽڻ جي عمل ثابت ڪيو آهي ته هي بلاول زرداري جي نام نهاد جمهوري حڪومت اها ماضي جي سمورين آمريتن کان وڌيڪ بدترين آمريت آهي. بلاول زرداري پنهنجي حڪومت هوندي پنهنجي ماءُ جي قاتلن کي سزا نه ڏياري سگهيو، ان حڪومت طرفان سنڌ جي نياڻين مٿان ڪوڙا ڪيس ڪرڻ کانسواءِ ٻي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي. هن چيپ ته هي سمجهن ٿا ته اسان جي مائرن ۽ ڀينرن تي ڪيس داخل ڪري سنڌ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندا ۽ سنڌ جي شهرن کي ايم ڪيو ايم جي دهشتگردن حوالي ڪندا ته ڪير به نه ڪڇندو پر انهن جي جي ڀُل آهي. سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌ جي وحدت، وجود ۽ وسيلن جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪندو. سنڌي قوم جي تاريخ رهي آهي ته سنڌي قوم سدائين پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ ويڙهه ڪئي آهي، اسين پنهنجي ڪارونجهر، ڪاڇي، گورک، کير ٿر، ٻيٽن سميت سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪنداسين، ڪارپوريٽ فارمنگ ذريعي ڪمپنين کي الاٽ ڪيل زمينن جي واپسي تائين سک جو ساهه نه کڻنداسين. تيل، ڪوئلي ۽ گئس تي به ڪمپنين جو قبضو ختم ڪرائڻ لاءِ جدوجهد جاري رهندي. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي روٽي ڪپڙا ۽ مڪان جو نعرو ڏئي ٽئي شيون عوام کان ڦري ڇڏيون آھن. جمهوريت جمهوريت جو راڳ آلاپيندڙ پيپلز پارٽي جمهوريت جو قتل ڪري بدترين آمريت ڇڏي آهي. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته 27 هين آئيني ترميم، امڪاني 28هين ترميم وسيلي سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، ڪئنالن، معدني وسيلن تي ڌاڙن، قبيلائي دهشتگردي، ڪارو ڪاري ۽ عورتن جي قتلن خلاف 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ هزارين ڀينرن ۽ ڀائرن جو احتجاج ڪيو ويندو. وسند ٿري وڌيڪ چيو ته آئين چئي ٿو سمورا شهري برابر آهن، 27هين ترميم چئي ٿي حڪمران بالا آهن، جن تي ڪا به عدالتي ڪاروائي نه ٿيندي چند حڪمرانن کي احتساب کان ڇوٽ ڏئي آئين معطل ڪيو ويو آهي، اسين آئين جي بالادستي لاءِ پرامن جمهوري جدوجهد هر صورت ۾ جاري رکنداسين.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
17th Nov 2025
•
سندھ
گلشن معمار میں پانی کی قلت کا مسئلہ فوری حل کیا جائے: سید امتیاز الحق بخاری
17th Nov 2025
•
پاکستان
ایف آئی اے کی آئی ایم ایس ایچ ری رپورٹنگ میں اعلیٰ کارکردگی پر کراچی ایف آئی اے کے لاس کلسینس ایوارڈ؛ مؤفقی قیادت کی واضح توثیق
17th Nov 2025
•
تازہ ترین
سندھ کی تقسیم کا سوال ہی پیدا نہیں ہوتا، یہ ناممکن ہے: شرجیل میمن
17th Nov 2025
•
تازہ ترین
پیپلز پارٹی خبردار رہے، بلدیاتی اصلاحات روکی گئیں تو سندھ میں نیا صوبہ بھی بن سکتا ہے: مصطفیٰ کمال
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪيسن کان نٿا ڊڄون، سنڌ کي ٽوڙڻ نه ڏينداسين, 7ڪروڙ سنڌين جو سنڌياڻي تحريڪ جي باشعور ڀينرن ۾ ساهه آهي: وسند ٿري
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
شڪارپور ۾ مگسي سوشل اتحاد سنڌ جي چيئرمين بھادر خان مگسي پاران تقريب منعقد
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سامارو ۽ سي آءِ اي پوليس جي ڪارروائي، 4 ڄڻا گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران هڪ منشيات فروش کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
سنڌياڻي تحريڪ جي بهادر ڀينرن
0 تبصرے