English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي پروفيسر امتياز دانش جي صدارت ۾ ٿي
128 views
|
17th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
سڪندر سرواڻ جي عمرمارئي ڳوٺ واري رهائشگاهه تي گڏجاڻي ٿي، غفور شاهه تقوي، قمبر ٻٽ، مجيب سنڌي ۽ ٻيا به شريڪ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير جي دستوري گڏجاڻي شاخ جي ميمبر نامياري ليکڪ شاعر براڊ ڪاسٽر سڪندر سرواڻ جي رهائش گاهه عمر مارئي ڳوٺ قائد آباد ۾ نوجوان شاعر پروفيسر امتياز دانش جي صدارت ۾ ٿي گذري، گڏجاڻي ۾ سيد غفور شاھ تقوي، قمبر ٻٽ، مجيب سنڌي، عبدالخالق ڀٽي، جمشيد زھراڻي، مظهر پنهور، سڪندر سرواڻ، امداد لاشاري، امتياز دانش امرتا ڏاھري ۽ ٻين پنھنجون نڪور تخليقون تنقيد لاءِ پيش ڪيون، جڏهن ته امتياز دانش پنهنجي صدارتي خطاب ۾ چيو ته سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير پنهنجي سرگرمين جي ذريعي نه صرف ڪراچي پر پوري سنڌ منفرد شاخ طور سڃاڻپ ٺاهي ورتي آهي، شاخ طرفان ملير جي مختلف علائقن ۾ دستوري گڏجاڻيون به وڏو اثر ڇڏين ٿيون، جن کان متاثر ٿي مختلف علائقن مان نوان قلمڪار سنگت سان جڙي رهيا آهن، هن چيو ته سنگت جو به اصلي مقصد اهو ئي هو ته سنڌ جي سڀني قلمڪارن کي هڪ پليٽ فارم مهيا ڪجي، گڏجاڻي ۾ نهايت سريلي راڳي عبدالخالق ڀٽي سرن ورکا ڪري سڀني کي جهومائي ڇڏيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
بدين: کیلاش کولہی کے قتل کے خلاف دوسرے روز بهی دھرنا جاری، زمیندار سرفراز نظامانی کی گرفتاری کا مطالبه
09th Jan 2026
•
تازہ ترین
عابدہ پروین کی وفات کی خبریں جھوٹی، بیٹی نے تصدیق کردی
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سچل سرمست سنڌ گورنمينٽ لائبريري خيرپور
09th Jan 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي راڳ جوجادوگر آواز جلال چانڊيو جي ورسي، سندس آواز اڄ به جهرجهنگ ۾ گونجندو رهي ٿو..!
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
تلھار ۾ڪيلاش ڪولهي جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ريلي ۽ ڌرڻو
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي ويجهو ڪوهيڙي سبب حادثو، 10ڄڻا زخمي
09th Jan 2026
•
سنڌي خبرون
دوداپور: محمدپور واري علائقي ۾ مبينا ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
v
سنڌي ادبي سنگت شاخ ملير
0 تبصرے