English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اسٽيل ملز ملازمن تي پوليس جي چڙهائي ، لٺبازي ۽ فائرنگ ڪيترائي زخمي
195 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
گيسٽ هائوس جا تالا ٽوڙي سي اي او کي ٻاهر ڪڍيو ويو، 40 کان وڌيڪ ماڻهن خلاف ايف آءِ آر داخل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) اسٽيل ملز جي ملازمن پاران پنهنجن مطالبن جي حق ۾ جاري احتجاج تي پوليس چڙهائي ڪري اسٽيل ٽائون گيسٽ هائوس اڳيان احتجاج ڪندڙ ملازمن، پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي آهي اها ايف آئي آر اسٽيل ملز جي سيڪيورٽي اهلڪار منير جي مدعيت ۾ اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي.ايف آءِ آر موجب مظاهرو ڪندڙن گيسٽ هائوس جي مکيه دروازي کي تالا هڻي احتجاج شروع ڪيو، جنهن سبب سرڪاري عملي ۽ انتظاميا کي عمارت اندر وڃڻ ۾ رنڊڪ پئي.احتجاج دوران مظاهرو ڪندڙن انتظاميا خلاف سخت نعرا هنيا. ايف آءِ آر ۾ ڌڻي بخش سمون، رائو صفدر حيات، مير عباس ٽالپر ۽ 40 کان وڌيڪ اڻڄاتل ماڻهن کي نامزد ڪيو ويو آهي. مٿن سرڪار ڪم ۾ مداخلت، غيرقانوني ميڙاڪو ڪرڻ ، رستو بند ڪرڻ ۽ امن امان ۾ خلل وجهڻ جي قلم لاڳو ڪيا ويا آهن واضح هجي ته اسٽيل ملز جا ملازم گذريل 100 ڏينهن کان پنهنجن مطالبن لاءِ ڌرڻو هڻي احتجاج ڪري رهيا هئا۔ ملازمن جا مطالبا هئا ته برطرف ملازمن کي بحال ڪيو وڃي، بقايا واجبات ادا ڪيا وڃن، پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي بحال ڪئي وڃي۔ رات دير سان پوليس چڙهائي ڪري احتجاج ڪندڙ ملازمن، پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ چونڊيل مڪاني نمائندن تي لٺبازي ۽ فائرنگ ڪئي۔ اکين ڏٺن شاهدن موجب پوليس ملازمن کي منتشر ڪرڻ کان پوءِ گيسٽ هائوس جا تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي جتان سي اي او اسٽيل ملز کي ٻاهر ڪڍي گهر روانو ڪيو ويو۔ واقعي دوران ڪيترائي ملازم زخمي ٿيا پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته احتجاج ڪندڙن قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي ۽ سرڪاري عملي کي ڪم ڪرڻ کان روڪيو، جنهن سبب ڪارروائي ضروري هئي۔ ٻئي پاسي ملازمن جو مؤقف آهي ته سندن احتجاج پرامن هو ۽ هو صرف حڪومت کان پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جو مطالبو ڪري رهيا هئا۔واقعي کان پوءِ گلشن حديد ۽ اسٽيل ٽائون جي رهواسين ۾ سخت ڪاوڙ پکڙيل آهي ۽ وڌيڪ گرفتاريون ۽ ڇاپا هڻڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ٻي طرف هنگامي اجلاس طلب ڪري ايندڙ لائحه عمل جوڙڻ جون تيارين شروع ڪيون ويون آهن
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
اسٽيل ملز ملازمن تي پوليس
گيسٽ هائوس جا تالا ٽوڙي سي
0 تبصرے