English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سينئر ڊرائينگ ٽيچر سيد رياض حسين شاھ رٽائرڊ، راھوجا ھاءِ اسڪول ۾ الوداعي تقريب
264 views
|
12th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي اي او خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو، ٽي اي او ڪنگري فاروق محمد سومرو، ٽي اي او خيرپور مختيار سولنگي ۽ استاد مقصود مھيسر جي خصوصي شرڪت.
پير جو ڳوٺ (رپورٽر) خيرپور ضلعي جي سينئر ڊرائينگ ٽيچر ۽ آرٽس ماھر سيد رياض حسين شاھ بخاري پنھنجي نوڪريءَ تان رٽائرڊ ٿي ويو، گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڳوٺ راھوجا ۾ سندس مان ۾ استادن ۽ شاگردن پاران الوداعي تقريب ڪوٺائي وئي، جنھن جي صدارت ڊي اي او سيڪنڊري خيرپور عبدالسميع ڀنڀرو ڪئي، جڏھن تہ خاص مھمانن ۽ اعزازي مھمانن ۾ ٽي اي او تعلقہ ڪنگري فاروق محمد سومرو، ٽي اي او تعلقہ خيرپور مختيار احمد سولنگي، اُستاد اڳواڻ مقصود محمود مھيسر، ھيڊماستر ھاءِ اسڪول ٺيڙھي ھاءِ اسڪول مشتاق احمد لاڙڪ، ھيڊماستر ھاءِ اسڪول صدر جي ڀٽيون نصير احمد ميتلو، استاد بشير احمد ميراڻي، استاد غلام اصغر ڪانھر، شڪيل احمد ملڪ، عبدالستار شاھ، فاروق احمد ڦلپوٽو، استاد ببلراج، ايم ڊي جماڻي، الطاف جلباڻي، ذوالفقار چنہ، سيد فراز حسين شاھ، اسلم جوڻيجو، فريد احمد ڪانھر، نثارر احمد کنڀڙو ۽ ٻيا شامل ھئا، جن کي اجرڪ ۽ ثقافتي سوکڙيون ڏنيون ويون. ان موقعي تي وڏي انگ ۾ گسٽا ۽ استاد اڳواڻن سينئر استادن، شاگردن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شھرين پڻ شرڪت ڪئي. استاد اڳواڻن، تعليمي توڙي آرٽس جي ماھرن، شاگرد ۽ سول سوسائٽي پاران سيد رياض شاھ جي خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي. مقررن جو چوڻ ھو تہ سيد رياض حسين شاھ ھڪ بھترين ڊرائينگ ٽيچر آھي جنھن جي آرٽ ۽ ڊرائينگ ۾ گرفت آھي جنھن پنھنجي شاگردن کي بھتر نموني سکيا ڏني ۽ ڪيترائي شاگرد پنھنجي منزلن ۽ ترقين تي پھتا آھن. سيد رياض شاھ ھڪ کلڻو ملڻو استاد ۽ شاگردن سان پيار ڪندڙ توڙي محنتي اُستاد آھي، تعليم جي ترقي ۽ شاگردن جو مستقبل سنوارڻ ۾ سندس خدمتون ياد رکيون وينديون. تقريب ۾ استادن ۽ شاگردن پاران رٽائرڊ ٿيندڙ اُستاد رياض حسين شاھ کي اجرڪ، ٽوپيون ۽ ٻيون مختلف ثقافتي سوکڙيون پڻ پيش ڪيون ويون، جڏھن تہ اُستاد رياض شاھ کي بھترين خدمتن عيوض سنڌ جو شان پٽڪو پڻ ٻڌرايو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پير جو ڳوٺ
يرپور ضلعي جي سينئر ڊرائينگ ٽيچر
0 تبصرے