امير علي شاھ ماڻهن سان ملاقات ڪري سندن مسئلا معلوم ڪيا ۽ بر وقت حل ڪرڻ جون هدايتون پڻ جاري ڪيون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) اڳوڻي صوبائي وزير سيد علي مردان شاھ جي عمرڪوٽ شهر واري بنگلي تي ڪچهري ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مرحوم سيد علي مردان شاهه جي فرزند، پ پ ايم پي اي سيد امير علي شاھ شھرين ۽ ڳوٺاڻن سان ملاقات ڪندي سندن مسئلا ٻڌا ۽ ڪيترائي مسئلا بروقت حل ڪيا، ان موقعي تي سي اين او ساجد علي شاھ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، پ پ انفارميشن سيڪريٽري گھنشام بجير، ڌرمداس نرڀاڻي، چاڪر مري، ڊاڪٽر شفيع محمد بجير، ارباب انڙ، ڀڳت ڏيسر سميت شهر جا معزز شھري وڏي تعداد ۾ موجود هئا، شھرين جي شڪايتن تي ايم پي اي سيد امير علي شاھ مختلف کاتن کي هدايت ڪئي ته عوام جا مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن ۽ شهر ۾ جاري ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن.
0 تبصرے