قوم جي ترقي تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هوندو: گهنور خان لغاري

ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ ۽ سيف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر گهنور خان لغاري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي

قوم جي ترقي تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هوندو: گهنور خان لغاري

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ننڍي کنڊ جي عظيم تعليمي اداري سنڌ مدرسه بورڊ جي زير انتظام قائداعظم پبلڪ اسڪول درساڻو ڇنو ڪراچي جي 37هين سالگرهه جي تقريب جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي۔ تقريب ۾ قومي اسيمبلي ميمبر عبدالحڪيم بلوچ ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جا مئنيجنگ ڊائريڪٽر گهنور خان لغاري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي۔سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ايم ڊي گهنور خان لغاري چيو ته قوم جي ترقي تڏهن ممڪن ٿيندي، جڏهن ڪو به ٻار اسڪول کان ٻاهر نه هوندو ۽ هر ٻار کي تعليم جا هڪجهڙا موقعا ۽ سهولتون فراهم ٿينديون۔ هن چيو ته “اسان سڀني کي اسڪول کان ٻاهر ٻارن جي مسئلي کي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ ان جو حل ڪڍڻ گهرجي۔” هن اڳتي چيو ته کيس خوشي آهي جو اڄ ننڍي کنڊ جي عظيم هستي نثار حسن علي آفندي جي قائم ڪيل اداري ۾ موجود آهي، جيڪو 37 سال اڳ سندس دور انديشي جو نتيجو آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته نثار حسن علي آفندي جون خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن ۽ اڄوڪي ڏينهن تي کيس خراجِ تحسين پيش ڪجي ٿو۔تقريب ۾ ايم اين اي عبدالحڪيم بلوچ، اشفاق ميمڻ، شفيق الرحمان پراچا، ڊاڪٽر شائسته آفندي، پروفيسر پروين منشي ۽ اسڪول جي پرنسپال پروفيسر ڊاڪٽر الطاف حسين شاهه پڻ خطاب ڪيو۔ ان کان اڳ اسڪول جي 37هين سالگرهه جو ڪيڪ ڪٽيو ويو، جڏهن ته شاگردن پاران ٽيبلوز ۽ قومي گيت پيش ڪيا ويا۔آخر ۾ تعليمي ميدان ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين، سندن استادن ۽ غير تدريسي عملي کي ٽرافيون ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ پڻ ڏنا ويا۔