English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت کي اولين ترجيح ڏني آهي : راول شرجيل ميمڻ
views
|
01st Sep 2025
•
سنڌي خبرون
اسان جو تڪ ترقياتي ڪمن جي حوالي سان ماڊل تڪ رهيو آهي جتي عوامي ڀلائيءَ جا ڪيترائي منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن
حيدرآباد (بيورو)سينيئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ جي خاص هدايت تي پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي نوجوان اڳواڻ راول شرجيل ميمڻ اڄ ٽنڊي ڄام ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت کي اولين ترجيح ڏني آهي . هن چيو ته سندن حلقو ترقياتي ڪمن جي حوالي سان هڪ ماڊل حلقو رهيو آهي جتي عوامي ڀلائيءَ جا ڪيترائي اهم منصوبا مڪمل ڪيا ويا آهن. راول شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته هن مهل تائين ڪيتريون ئي پيوَر بلاڪ جون اسڪيمون ڏنيون ويون آهن، جن جو مقصد بنيادي ڍانچي کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو، "اسان جي فیز ون ۾ 9 لک پيوَر بلاڪ ورهايا ويا هئا ۽ فیز ٽو ۾ وڌيڪ 10 لک پيوَر بلاڪ ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ به 10 لک پيور بلاڪ فراهم ڪيا ويندا، ته جيئن ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري رهي. هن ٻڌايو ته پيوَر بلاڪ جي مدد سان انهن ڳوٺن ۾ جتي ترقياتي ضرورتون تمام گهڻيون آهن، اتي روڊن جي توسيع ۽ نون روڊن جي تعمير ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته اسان جي تڪ ۾ ڪو به اهڙو ڳوٺ ناهي جتي پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت ڪم نه ڪيو هجي. راول شرجيل ميمڻ ٻڌايو ته پي ايس 61 ۾ تقريباً 850 ڳوٺ شامل آهن، جتي لائبريري، پيپلز هائوسنگ پروجيڪٽ، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ماڊل ٽائون بہاول زئنور ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن. هن چيو ته قدرتي آفتن دوران پيپلز پارٽي جا نمائندا هميشه پنهنجي عوام سان گڏ هوندا آهن ۽ هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا آهن ته جيئن آفتن سبب متاثر ٿيل علائقن جي جلد بحالي ٿئي. راول شرجيل ميمڻ عوام کان اپيل ڪئي ته اهي ترقياتي ڪم جي حوالي سان حڪومت جي قدمن کي سمجهن ۽ پارٽي جي پروگرامز ۾ مڪمل سهڪار ڪن، جيئن سنڌ ۽ حيدرآباد جي عوام کي بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن. ان موقعي تي پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن ۽ معزز شخصيتن پڻ سندن ساڻ هئا.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
راول شرجيل ميمڻ
پيپلزپارٽي هميشه عوام
0 تبصرے